قاضي احمدي

قاضي احمدي

قاضي احمدي

قاضي احمدي (شخصيت): ميان احمدي 1854ع ڌاري مخدوم ميان علي گوهر صديقيءَ جي گهر، پاٽ شريف ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي چاچي مخدوم محمد شفيع جي مدرسي ۾ پرائي. 1885ع ڌاري پاٽ شريف ۾ پنھنجي اوطاق واري بنگلي ۾ پرائمري اسڪول کوليو. جتي ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين پڻ داخلا ورتي. ڪجهہ ئي ڏهاڪن ۾ پاٽ جي سئو سيڪڙو آبادي پڙهيل ليکجڻ ۾ آئي. پير علي محمد راشدي موجب: ”انگريزن جي انھيءَ دور ۾ پاٽ شريف لاءِ عام راءِ اها هئي تہ ان ڳوٺ جو هاري بہ مئٽرڪ پاس آهي“. اهو ان تعليمي تحريڪ ۽ پرائمري اسڪول جو آندل انقلاب هو. 1914ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر هز ايڪسيلنس لارڊ ولنگڊن، پوني ۾ هڪ وڏي تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنھن ۾ هن شرڪت ڪئي.
ميان احمدي پاٽ ۾ دادو ڪئنال جي ڪپ تي اسڪول جي هڪ عاليشان عمارت ٺھرائي. ان وقت پاٽ شريف ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هو، اسڪول جو افتتاح بہ لاڙڪاڻي ضلعي جي ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر ميڪلن ڪيو. 1915ع ۾ ڪرايل ان تقريب ۾ سر شاهنواز ڀٽو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمس الدين بلبل، سيد الھندو شاھہ ۽ ڪجهہ انگريز ڪامورا پڻ شامل هئا. هن اسڪول جو نالو احمدي قاضي جي نالي سان رکيو ويو. هن پاٽ ۾ ’لوئيز لارينس انسٽيٽيوٽ‘ رٿا جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون، انھيءَ رٿا جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ ڦھلائڻ جو پروگرام رٿيو ويو. انھيءَ رٿا جو مقصد ڪن عورتن کي جديد طريقن سان اهڙي تہ سکيا ڏيڻ هو جيئن اهي عورتن ۽ ٻارن جي بيمارين کانسواءِ ويم جي جديد طريقن کان پڻ واقف ٿين. ميان احمدي هڪ اهڙو شعر بہ لکيو هو، جنھن ۾ هن الڳ وطن ’سنڌستان‘ جو ذڪر ڪيو آهي. ميان احمدي پاٽ شريف جو آنرري مئجسٽريٽ پڻ رهيو. هن 1923ع ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان قاضي قاسماڻيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو