قاضي احمد

قاضي احمد (شھر): قاضي احمد شھر ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ سڪرنڊ ۽ دولتپور صفن جي وچ تي قومي شاهراھہ تي آهي. هن شھر کي تعلقي جو درجو مليل آهي. روايت آهي تہ احمد نالي هڪ ڪوريجي بزرگ کي جيڪو اصل ٽلٽي ضلعي دادوءَ جو رهاڪو هو، حڪومت طرفان لاکاٽ پرڳڻي ۾ ’قاضي‘ جو عھدو مليو، جنھن سبب قاضي احمد سڏجڻ لڳو هو. پھرين لڏي اچي ’دم‘ ۾ رهائش پذير ٿيو، جنھن ڪري کيس قاضي احمد دمائي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ 1777ع ڌاري موجودہ قاضي احمد واري هنڌ تي اچي ڳوٺ ٻڌي ويٺو. ان زماني ۾ اتي رڳو ڪنڊيءَ جا وڻ هوندا هئا، جنھن ڪري اهو پٽ ’ميل ڪنڊي‘ جي نالي سان سڏبو هو، پر هن بزرگ جي رهائش پذير ٿيڻ کان پوءِ هي علائقو قاضي احمد طور سڏجڻ لڳو. قاضي احمد کي 12-1911ع ۾ سينيٽري ڪاميٽيءَ ۽ 1960ع ۾ يونين ڪائونسل جو درجو مليو ۽ رئيس علي نواز خان انڙ يونين ڪائونسل جو پھريون چيئرمئن ٿيو. جنھن شھر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ غير معمولي قدم کنيا. غريب هارين ۽ مزدور طبقي جي رهائش لاءِ ٽي ڪالونيون ٺھرايون. قومي شاهراھہ جي ڀرسان خوبصورت گول اسٽال ٺھرايا. 1963ع ۾ قاضي احمد کي بجلي ملي، ان کان اڳي يونين ڪائونسل طرفان شھر کي روشن رکڻ لاءِ گاسليٽ تي ٻرندڙ فانوسن جو بندوبست ٿيل هوندو هو. شھر جي وچ ۾ 25 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ لاهور جي شاليمار باغ جي طرز تي ’ناز باغ‘ جو بنياد رکيو ويو، ان کانسواءِ ساڳئي وقت هاءِ اسڪول قاضي احمد، مفت اسپتال ۽ لوڪل بورڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن پڻ قائم ڪئي وئي. اها اسٽيشن ناز باغ جي مکيہ دروازي جي مٿئين حصي ۾ قائم ڪئي وئي هئي. 1970ع ۾ قاضي احمد کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو مليو. ان دور ۾ هتي ’سنگيت‘ جي نالي سان هڪ سئنما بہ هئي، جيڪا 1986ع ۾ بند ٿي وئي.
انتظامي لحاظ کان قاضي احمد وارو سڄو علائقو شروع کان وٺي تعلقي سڪرنڊ م شامل هو، پوءِ جڏهن نوشھرو فيروز ضلعو ٿيو تہ موري ۽ سڪرنڊ تعلقن جا ڪجهہ علائقا ٽوڙي اتي ضلعي نوابشاھہ (هاڻي شھيد بينظير آباد) لاءِ هڪ نئون تعلقو دولتپور ٺاهيو ويو، جنھن کان پوءِ قاضي احمد شھر کي تعلقي سڪرنڊ کان ٽوڙي، تعلقي دولتپور ۾ شامل ڪيو ويو، نومبر 2009ع ۾ دولتپور جي تعلقي واري حيثيت ختم ڪري قاضي احمد کي تعلقو بڻايو ويو ۽ شھر کي تعلقي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏنو ويو. هن وقت تعلقي قاضي احمد جي ڪُل پکيڙ 230466 ايڪڙ آهي، جنھن ۾ 1194286 ايڪڙن جي ايراضي آباديءَ جي لائق آهي.
هن شھر ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول، ڊگري ڪاليج، تعلقي اسپتال کان علاوہ ڪيترائي خانگي اسڪول پڻ قائم آهن. ان کان سواءِ هتي گورنمنٽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ فار گرلس ۽ گورنمنٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشنل ڪمرشل پريڪٽس پڻ قائم ٿيل آهي. نوابشاھہ شھيد بينظير آباد ۽ ڄامشوري ضلعن کي ڳنڍڻ لاءِ قاضي احمد ويجهو سنڌو درياھہ جي مٿان آمريءَ وٽان پُل ٺاهي وئي آهي. بزرگ قاضي احمد دمائي جي درگاھہ بہ شھر جي وچ ۾ ٺھيل آهي، جنھن تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو