قاضي احمد علي سنڌي

قاضي احمد علي سنڌي: شيخ عالم قاضي احمد علي، چشتي سلسلي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس والد محمد عاقل پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو. هن جي ولادت مٺڻ ڪوٽ، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿي. پنھنجي والد وٽ مٺڻ ڪوٽ ۾ تعليم و ترتيب حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ پنھنجي والد جي مرشد شيخ نور محمد بن بندال چشتيءَ کان بہ فيض حاصل ڪيائين. گهڻو عرصو والد جي خدمت ۾ گذاريندو رهيو. طريقت بہ والد کان حاصل ڪيائين، جڏهن سندس والد وفات ڪئي تہ ان جي ارشاد واري مسند تي ويٺو. سلوڪ سان گڏ تعليم جو ڪم جاري رکيائين. هن جولاءِ 1816ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو