قاضي اياز مهيسر
قاضي اياز مهيسر: ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن قاضي اياز مھيسر 27 فيبروري 1971ع تي تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ قاضي محمد عارف ۾ جنم ورتو. 1995ع ۾ ڪامرس ۽ ماسٽرز ڪيائين. 2000ع ڌاري سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪيائين. هن ”رورل ڊويلپمنٽ“ ۾ ماسٽرس جي ڊگري به حاصل ڪئي آهي. 1992ع کان ٽه ماهي ”مھراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾ سندس ڪالم، مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن، محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ۾”شھيدن جي علمدار“ نالي سندس ڪتاب 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ”Let It Be“ سندس انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو Austin Macauley Publishers London شايع ڪيو آهي.
1971.02.27 عيسوي
ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن قاضي اياز مھيسر 27 فيبروري 1971ع تي تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ قاضي محمد عارف ۾ جنم ورتو.