خادم حسين، قاضي

خادم حسين، قاضي

قاضي خادم حسين

قاضي خادم: ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، محمد لائق قريشيءَ جي گهر ۾، 21 نومبر 1945ع تي، ڳوٺ الھداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. قاضي خادم جو والد مختيارڪار هو، جيڪو هالن پراڻن جو رهاڪو هو. ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (انگلش) ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. 1966ع ۾ بي. اي آنرس ڪرڻ کان پوءِ سچل سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، 1963ع کان 1966ع تائين اخبار ’خادم وطن‘ ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو، جتي ادبي صفحو مرتب ڪندو هو. 1969ع کان 1970ع تائين روزانہ ’هلال پاڪستان‘ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو. 15 جون 1970ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي رٽائرمينٽ (11 نومبر 2005ع) تائين پروفيسر، چيئرمئن سنڌي شعبو، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ ايڊوائيزر اسٽوڊنٽس گائيڊنس بيورو بہ ٿي رهيو. قاضي خادم 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ’سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي جائزو‘ هو. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا آهن. قاضي خادم جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) شمع هر رنگ ۾ جلتي هي سحر هوني تک (اردو ناول: آگسٽ 1962ع، (2) گڊ باءِ مسٽر چپس (جيمز هلٽن جو ناول: ترجمو: 1964ع)، (3) زوال (البر ڪامئو جو ناول: ترجمو: 1966ع)، (4) سونهن جي ديوي (پيري لوئيءَ جي ناول ’ايفروڊائيٽ‘ جو ترجمو: 1972ع)، (5) جوئاري (دوستو وسڪيءَ جي ناول ‘The Gambler’ جو ترجمو: 1976ع)، (6) پيار ۽ سپنا (ناول: 1977ع)، (7) پيار (جان پال سارتر جي ناوليٽ جو ترجمو: 1978ع)، (8) درد جي خوشبوءِ (ناول: 1981ع)، (9) سمنڊ اپسمنڊ (ڪھاڻيون: 1981ع)، (10) شھري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي (1981ع)، (11) لڙڪ لڙڪ زنجير (ڊراما: 1988ع)، (12) سنڌ جا نثري داستان (پي ايڇ. ڊي جو مقالو: 1990ع)، (13) ادب ۽ روايتون (مضمون: 1992ع)، (14) The Glorious Past 42 (42 سنڌي آتم ڪھاڻين تي انگريزيءَ ۾ تبصرو: 2006ع)، (15) مٽيءَ ۾ ملاوٽ (ڪھاڻيون: 2008ع)، (16) دل جي دفتر مان (يادگيريون: 2009ع)، (17)ساروڻيون (2010ع)، (18) اندر روح رهيام (ساروڻيون: 2011ع)، (19) پير اڃا مون پنڌ ۾ (ساروڻيون، 2012ع)، (20) ڳالھڙيون کٽڻيون ناهن (ساروڻيون 2013ع)، (21) ياد ياد هڪ زندگي (ساروڻيون 2014ع)، (22) کليل اکين جا سپنا (ساروڻيون 2017ع)، (23) اڌورو داستان (ساروڻيون 2018ع)، (24) قصو ڪوتاھہ (ساروڻيون 2019ع)، (25) حيدرآباد: سپنن جو شھر (ساروڻيون 2020ع)، (26) ’اڻکٽ سفر‘ (سوانح عمري: 2021ع) قاضي خادم جي ڪتاب ’دل جي دفتر مان‘ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ادبي ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ قاضي خادم جي ڪھاڻين جو اردو ترجمو آگسٽ 2000ع ۾ ڇپيو، ڊاڪٽر قاضي خادم رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌي شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر رهيو ۽ هن وقت علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو ڊائريڪٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.21  عيسوي

مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم ۽ نقاد، ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، محمد لائق قريشيءَ جي گهر ۾،21 نومبر 1945ع تي، ڳوٺ الهداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1970.06.15  عيسوي

15 جون 1970ع کان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي رٽائرمينٽ (11 نومبر 2005ع تائين) پروفيسر، چيئرمئن سنڌي شعبو، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ ايڊوائيزر اسٽوڊنٽس گائيڊنس بيورو به ٿي رهيو. قاضي خادم 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ’سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي جائزو‘ هو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي خادم حسين
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
پنھل ڏهر
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
رسول بخش ٻگهيو گچيرائي
عقيل عباس جعفري
شاھہ محمد گاڏهي
اويس ڀٽو
پٺاڻ نثار احمد
غلام رسول ڪلھوڙو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون