
قاضي خدابخش مورائي
قاضي خدابخش مورائي: قاضي خدا بخش 1895ع ڌاري موري شھر (ضلعي نوشھري فيروز) ۾ جنم ورتو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙھہ ويو، جتي 1916ع کان 1921ع تائين رهيو. تحريڪ خلافت سان لاڳاپيل هئڻ ڪري 1922ع ۾ جيل ويو. کيس ڪجهہ عرصو ڪراچيءَ ۾ قيد رکيو ويو ۽ پوءِ کيس پوني جيل اماڻيو ويو. قيد دوران مولانا محمد اڪرم بالائيءَ کان قرآن مجيد جو تفسير پڙهيائين. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ميرٺ ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪري ڪراچيءَ ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين. 1934ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو بنا مقابلي ڪائونسلر ۽ ساڳئي سال بنا مقابلي ڊپٽي ميئر چونڊيو ويو. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جو پھريون ملسمان ميئر پڻ ٿيو ۽ ميئر جي حيثيت ۾ ڪيترائي نوان اسڪول قائم ڪرايائين. 1937ع ڌاري سر راس مسعود جي ڪراچيءَ اچڻ تي علي ڳڙھہ بوائز ايسوسيئيشن قائم ٿي. 1942ع ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيو. انھيءَ دور ۾ سندس ڪوششن سان ئي سنڌ مدرسي کي اسڪول مان ڪاليج جو درجو مليو ۽ انھيءَ ڪري کيس سنڌ مدرسي ڪاليج (ڀاڱي) جو باني بہ چيو وڃي ٿو. ايس. ايم. ڪاليج جي افتتاحي تقريب لاءِ قائداعظم محمد علي جناح کي دعوت ڏني وئي. تقريب ۾ قائداعظم بورڊ کي 10 هزار رپيا عطيو ڏنو. قاضي خدا بخش کي 1943ع ۾ صوبي سرحد ۾ سرڪاري وڪيل مقرر ڪيو ويو. هن 20 فيبروري 1944ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.