
قاضي خضر حيات
قاضي خضر حيات: قاضي خضر حيات ولد قاضي عبدالحئي ’قائل‘، 12 اپريل 1945ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن 1968ع ۾ بي. اِي (سول، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج) ۽ ايم. آءِ. ايِ (ميمبر آف انسٽيٽيوٽ آف انجينئرس) جون ڊگريون حاصل ڪيون. فائن آرٽس ۾ ڊپلوما ڪيائين. هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس، لاهور مان ڪاشيگريءَ (Ceramics) جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو. قاضي خضر حيات نوڪريءَ جي شروعات آبپاشي کاتي کان ڪئي پر جلد ئي سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿيو. ان کان پوءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، اين. اي. ڊي انجينئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي ٽي سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ پي. آءِ. ڊي. سي شگر مل لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ انجينئر ۽ ان کان پوءِ اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ انجينئر ٿي رهيو. پاڪ سعودي فرٽيلائيزر ميرپور ماٿيلي ۾ پراجيڪٽ انجينئر طور ڪم ڪيائين. ’مھراڻ انجينئرنگ يونيورسٽي ڪاليج شھيد بينظيرآباد‘ ۾ بہ انجينئر ۽ يونيورسٽي ٿيڻ کان پوءِ اُتي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتان 2005ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. قاضي خضر حيات جون سول انجينئرنگ ڊزائننگ بابت 1973ع ۽ 1978ع ۾ ڪيتريون ئي تحريرون ڇپيون. هن ڪالم ۽ ڊراما بہ لکيا.
قاضي خضر حيات شھيد بينظيرآباد (نوابشاھہ) ۾ ’سڪندر آرٽ گئلري‘ قائم ڪئي، جنھن جو پاڻ سرپرست رهيو. سندس خدمتن جي اعتراف طور آمريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ 1980ع ۾، سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن 1984ع ۾، لطيف ادبي اڪيڊمي، سنڌ 1987ع ۾ کيس گولڊ ميڊل ڏنا. هن کي وزيراعظم پاڪستان پاران ٻہ ڀيرا نقد انعام بہ مليو. قاضي خضر حيات رٽائرمينٽ کانپوءِ 2005ع کان ٽي سال Associate Consultant Engineers نالي فَرم ۾ پراجيڪٽ انجينئر جي حيثيت ۾، ’حضرت بري امام‘ اسلام آباد جي هڪ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪيو. سيوهڻ ۾ قلندر شھباز تي جديد ڪاشيگريءَ وارو ڪم سندس نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿيو. سنڌ ميوزيم جي بينظير ڀٽو پارڪ ۾ محترمہ بينظير جي وڏي تصوير، سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ ۾ ڪاشيءَ تي قديم لکتون، باغيچي ۾ ڪتاب جو يادگار ۽ سنڌالاجيءَ ۾ سنڌ جو ڪاشيءَ وارو وڏو نقشو سندس فن جا شاهڪار آھن. سندس ٻہ ڪتاب ’سنڌ جي جان، ڊاڪٽر افغان‘ ۽ ’جهاڳيو مون جھان‘ (آتم ڪٿا) ڇپيل آهن. قاضي خضر حيات 16 جولاءِ 2021ع تي شھر نوابشاھہ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين نوابشاھہ ۾ ٿيل آهي.
1945.04.12 عيسوي
قاضي خضر حيات ولد قاضي عبدالحئي ’قائل‘، 12 اپريل 1945ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو.
2021.07.16 عيسوي
قاضي خضر حيات 16 جولاءِ 2021ع تي شھر نوابشاهه ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين نوابشاهه ۾ ٿيل آهي.