قاضي خيرالدين قاضي خيرالدين ٺٽي جو هو. ’حديقة اولاولياء‘ ۾ سيد عبدالقادر ٺٽوي/ نصرپوريءَ ڄاڻايو آهي ته: ”هيءُ حال ۽ قال جو صاحب هو. قاضي خير الدين بابت روايت آهي ته سندس ڏينهن ۾ ڪو ماڻهو سخت بيمار ٿي پيو، جنهن تي ڪنهن به دوا اثر نه پئي ڪيو، ان ڪري سندس بيماريءَ مان تنگ ٿي سندس عزيزن کيس جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو. هڪ ڏينهن اوچتو قاضي خير الدين اچي اتان لنگهيو، درويش کي هن جي حال تي رحم اچي ويو ۽ هڪدم بيمار تي شفا ڀري نظر وڌائين ۽ ان جو علاج ڪيائين، جنهن کانپوءِ اهو چڱو ڀلو ٿي ويو. حديقة الاولياء جي مصنف سيد عبدالقادر موجب ته اهو بيمار ماڻهو قاضيءَ جي دعا سان چڱو ڀلو ٿيڻ کانپوءِ چاليهه سالن تائين زندهه هو. قاضي خيرالدين جي مزار نصرپور کان هڪ ڪوهه پنڌ تي ڏکڻ طرف واقع آهي.