قاضي دوست محمد اول

قاضي دوست محمد اول: نامور عالم، بزرگ قاضي دوست محمد (اول) ولد قاضي شاھہ محمد (ٻيو) 1785ع /1199ھہ ڌاري موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. هيءُ بزرگ پنھنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. ٽالپرن جي حڪومت ۾ ’قاضي القضات‘ جي عهدي تي فائز هو. وڏو متقي ۽ پرهيزگار بزرگ هو. حياتيءَ جو وڏو عرصو درس تدريس ۽ تبليغ ۾ گذاريائين. هن جي طريقت جو سلسلو نقشبندي هو. اسلامي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ تھران بہ ويو، اتي جي عالمن سان سندس خيالن جي وڏي وٺ ٿي، جيڪي کانئس بيحد متاثر ٿيا. هن ڪيتريون فتوائون بہ جاري ڪيون، جن تي برک عالم مفتي مخدوم محمد عارف سيوستانيءَ جون مهرون بہ لڳل آهن.قاضي دوست محمد'> قاضي دوست محمد ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد جو قاضي بہ رهيو. هن درويش بزرگ 1853ع/ 1268ھہ ۾ وفات ڪئي. کيس موري ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو