قاضي شڪر ﷲ شيرازي: قاضي سيد شڪر ﷲ شيرازي 906ھہ/1500ع ڌاري هرات کان قنڌار هجرت ڪري ويو. اتان کان 927ھہ/1520ع ڌاري شاھہ بيگ ارغون جي حڪم تي ٺٽي، سنڌ ۾ آيو. سنڌ جي، خاص ڪري ٺٽي جي ڪيترن عالمن ۽ مشائخن سان سندس گهرو واسطو رهيو. مرزا شاھہ حسن ارغون جي وقت ۾ ٺٽي جي قضا جي عھدي تي مقرر ٿيو. قاضي شڪر ﷲ ٺٽي ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مڪليءَ جي قبرستان ۾ سيد عبدالله شاھہ جي درگاھہ جي الھندي پاسي آهي.