قاضي عبدالرحمان: قاضي عبدالرحمان ولد محمد صديق اڄڻ 1898ع ڌاري تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز جي ڳوٺ ’اڇي مسيت/مسجد‘ ۾ جنم ورتو. سندس والد ساهتي پرڳڻي ۾ قاضي مقرر ٿيل هو، ان ڪري سندن خاندان قاضي سڏبو آهي. هن مئٽرڪ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي مان ڪئي. سنڌ مدرسة السلام ۾ پڙهڻ دؤران اسڪول جي مخزن جو ايڊيٽر بہ رهيو. تنھن کانپوءِ هو هندستان ويو، جتان بھاؤالدين ذڪريا ڪاليج جهوناڳڙھہ مان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ واپس سنڌ موٽي آيو. 24 سالن جي ڄمار ۾ ’الوحيد‘ اخبار جو پھريون ايڊيٽر ٿيو. هن الوحيد ذريعي انگريزن خلاف قلمي جدوجھد ڪئي. 1921ع ۾ کيس سرڪار خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ کيس هڪ سال سخت پورهيي سان سزا ڏني وئي. ان دؤر ۾ سڄي هندستان ۾ هومرول ڪانگريس جي تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. 1922ع ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ۽ انھيءَ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. 1924ع ۾ ڪانگريس جو صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ صوبائي صدر ٿيو. ’الحق اخبار‘ ۾ نامہ نگار جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1924ع ۾ انگريزي اخبار ’مسلم ايڊووڪيٽ‘ جاري ڪيائين. هي آل انڊيا سينٽرل خلاف ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو. 1940ع ۾ هڪ هفتيوار اخبار ’وار بليٽن‘ جاري ڪيائين. ورهاڱي بعد کيس سنڌ جو پھريون ڊائريڪٽر آف انفرميشن ۽ پبلڪ رليشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. هن 24 جون 1958ع تي وفات ڪئي.