قاضي عبدالله

قاضي عبدالله: قاضي عبدالله، درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز جو رهاڪو هو. سندس والد قاضي ابراهيم پنھنجي وقت جو ناميارو عالم هو. هُن مخدوم عبدالعزيز ڪاهانيءَ وٽ تعليم حاصل ڪئي. هو شاھہ بيگ ارغون جي سنڌ تي فتح کانپوءِ باغبان ۽ راوت ۾ وڃي رهيو. 934ھہ/1527ع ڌاري سنڌ کان گجرات ۽ اتان پوءِ مديني شريف ويو. کيس ٽي پُٽ شيخ صالح، شيخ رحمت ۽ شيخ حميد ٿيا، جيڪي بہ پنھنجي وقت جا وڏا عالم هئا. شيخ رحمت ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. قاضي عبدالله جي وفات جو سال ڪتاب ’النور السافر في اخبار القران العاشر‘ ۾ 984ھہ/1576ع ڄاڻايل آهي.


لفظ قاضي عبداللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو