قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم : عبدالله بن قاضي محمد ابراهيم درٻيلوي مدني اصل درٻيلي جو رهاڪو هو. هن پنھنجي تعليم وقت جي وڏي عالم ۽ محدث مولانا عبدالعزيز ابهريءَ وٽان سيوهڻ مان حاصل ڪئي. واپس درٻيلي ويو، پر مرزا شاھہ بيگ جي حملي وقت اچي مخدوم بلاول سان گڏ باغبان ۾ رهيو. ملڪ جي سياسي حالتن کي ڏسندي هي بزرگ سيوهڻ مان لڏي گجرات جي شھر احمدآباد ۾ وڃي رهيو. هن کي اتان جي بادشاهن وڏو مان ۽ عزت ڏني. هي اتان ئي حج تي ويو هو. جتي سندس تعلق شيخ علي متقيءَ سان ٿيو، جيڪو اصل گجرات کان آيل هو. گجرات جي بادشاھہ بھادر بن مظفر (شھيد: 1536ع) ساڻس ملاقات ڪرڻ ٿي چاهي، پر هن ملڻ کان انڪار ڪيو. ڪجهہ روايتن موجب شيخ عليءَ جي وچ ۾ پوڻ تي بادشاھہ بھادر ۽ قاضي عبدالله وچ ۾ ملاقات ٿي. مير معصوم لکيو آهي ته، عبدالله پوءِ مديني هليو ويو. هن جي وفات بہ اتي ٿي. هن جا ٽي سچا خليفا: شيخ صالح، شيخ رحمت الله، ۽ شيخ حميد پوئتي رهيا. تاريخ معصومي، سنڌي، ص 244)