قاضي عبدالوهاب ’خاطي‘: قاضي عبدالوهاب تخلص ’خاطي‘ جهانگارا تعلقي سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ پنھنجي دؤر جو هڪ پختو شاعر هو، هي خليفي نبي بخش قاسم جي دؤر (1776ع-1863ع) جو شاعر هو. سندس سنڌي غزلن ۾ فارسيءَ جو اثر بہ موجود آهي. فني ۽ فڪري پختگي موجود آهي. سندس شاعريءَ جو انداز بيان وڻندڙ آهي.