قاضي عزيز ﷲ ڏيٿو مٽياروي: قاضي مخدوم عزيز ﷲ مٽياروي ولد قاضي محمد ڏيٿو 1193ھہ/ 1774ع ڌاري مٽياريءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ٺٽي ۾ رهندا هئا، جيڪي پوءِ لڏي اچي مٽيارين ۾ ويٺا. سندس خاندان مان ڪيترائي حديث جي علم جا ڄاڻو، مفڪر ۽ فقيھه ٿي گذريا آهن ۽ مختلف حڪمرانن طرفان قضا جي عھدن تي فائز رهيا. ان ڪري سندن خاندان ’قاضي آخوندن‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. هُن قرآن پاڪ سميت سنڌيءَ جي تعليم پنھنجي گهر ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم مولوي محمد عثمان مٽيارويءَ وٽان حاصل ڪيائين. مختصر عرصي ۾ ئي علم حديث، فقھه، تفسير، تصوف ۽ معقولات جو ڄاڻو ۽ عالم بنجي ويو. ظاهري تعليم جي حصول کان پوءِ پنھنجي وڏن جي مرشد، درگاھہ لنواريءَ جي چوٿين سجادہ نشين خواجہ محمد حسني مدنيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري درگاھہ تي ئي رهيو. لنواريءَ جي درگاھہ ۾ موجود ڪتبخاني مان مستفيد ٿيو ۽ ان سان گڏ پڙهائيندو بہ رهيو. هن جو ٽالپر حڪمرانن جي درٻار سان بہ سٺو واسطو هو. 1844ع ڌاري لنواريءَ جي بزرگن خلاف چارلس نيپيئر پاران بمبئيءَ ۾ داخل ڪرايل مقدمي ۾ درگاھہ لنواريءَ جي سجادہ نشين پاران هن ڪيس جي پيروي ڪئي. هي پھريون سنڌي عالم هو، جنھن قرآن پاڪ جو سنڌي نثر ۾ترجمو ڪيو، جيڪو 1841ع ۾ ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1876ع ۾بمبئيءَ مان ۽ ٽيون ڇاپو 1909ع ۾ مطبع ڪريمي، بمبئيءَ پاران شايع ٿيو. هن قرآن پاڪ کي پھرئين ڇپيل سنڌي ڪتاب جو اعزاز حاصل آهي. ان کانسواءِ هن ٻيا بہ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾: قصيده غوثيه (شرح)، صحيح موتيا (حاشيہ)، تفسير جلالين جو قدافلح کان والناس تائين (ترجمو) شامل آهن. هن 7 شعبان 1273ھہ/ 1857ع تي لنواريءَ ۾ وفات ڪئي. کيس لنواريءَ جي درگاھہ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.