
قاضي علي رضا
قاضي علي رضا: قاضي علي رضا ولد قاضي علي محمد 1893ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن 1908ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ۽ بي. اي آنرس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري، گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1915ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فارسي) ۽ 1916ع ۾ ائگريڪلچر سائنس ڪاليج، پوني مان سرڪار جي خرچ تي ايل. ايل. بي ڪيائين. هو 1927ع ڌاري ڊسٽرڪٽ لوڪل مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو. جتي ترقي ڪندي، 1930ع ۾ پرنسپال جي عھدي تي فائز ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ ان اسڪول مان استعيفيٰ ڏئي تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول (موجودہ گورنمينٽ هاءِ اسڪول) ۾ نائب هيڊ ماستر ٿيو. جتان 1943ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ بعد پي. پي. سي گرلس هاءِ اسڪول، سکر ۾ فارسيءَ جي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنسڪرت جو بہ ڄاڻو هو. سندس شاگردن ۾، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر قاضي نبي بخش (اڳوڻو سيڪريٽري تعليم)، سيد پناھہ علي شاھہ (اڳوڻو سيڪريٽري تعليم)، سيد عبدالحسين شاھہ موسوي، سيد عطا حسين شاھہ ۽ جواد حسين شاھہ جهڙيون علمي شخصيتون شامل آهن. قاضي علي رضا جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’جنيد ۽ شبلي‘ (1930ع) ۽ ’سيرت امام غزالي‘ (1931ع) شامل آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ تاريخ روهڙي (قلمي) ۽ هڪ قلمي بياض، جيڪو جمعي ۽ عيد جي خطبن بابت منظوم نصيحتن ۽ نماز بابت منظوم ترغيبن ۽ بيتن تي مشتمل پونيرن وٽ موجود آهن. هن آڪٽوبر 1973ع ۾ وفات ڪئي.