قاضي علي محمد ثاني

قاضي علي محمد ثاني (شخصيت): قاضي علي محمد ثاني 1916ع ڌاري ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم مدرسي الراشد ۾ مولوي محمد حسين وٽ ورتي. ان بعد هن فارسيءَ جي تعليم مدرسي هاشميه سجاول ۾ پنھنجي ناني حڪيم محمد باقر قريشيءَ جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي. ٺٽي ۾ سندس تمام وڏي لئبريري هئي، جنھن ۾ تمام گهڻا قلمي نسخا بہ موجود هئا، جن مان ڪيترا ئي ناياب قلمي نسخا پير حسام الدين راشدي کانئس خريد ڪيا، ان کانسواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويي ۽ مولانا اعجاز الحق قدوسي بہ کانئس ڪي قلمي نسخا ورتا هئا. پير حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ سندس گهڻو ذڪر ڪيو آهي. هن کاهوڙي انسان 6 جون 1966ع تي وفات ڪئي.


لفظ قاضي علي محمد ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو