قاضي قادن قاضي قاضن

قاضي قادن/قاضي قاضن (عالم، شاعر ۽ قاضي) (1463ع-1551ع): سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ ملندڙ شاعرن ۾ قاضي قادن سنڌ جو پھريون ڪلاسيڪل شاعر مڃيو وڃي ٿو. سندس ڪلام مان شروع ۾ ست بيت شاھہ ڪريم جي رسالي ’بيان العارفين‘ مان مليا، ان کان پوءِ سندس وڌيڪ ڪلام 1978ع ۾ ڀارت مان ھٿ آيو. قاضي قادن جو پھرين ذڪر، مير محمد معصوم بکريءَ پنھنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ المعروف بہ تاريخ معصومي‘ ۾ ڪيو. مير معصوم جو زمانو قاضي قادن کي ويجهو آھي. قاضي قادن جي وفات واري سال (1551ع) ۾ مير معصوم اٽڪل 24 ورهين جو ھو. سيد معصوم، تاريخ معصومي جي لکجڻ جو سال ڪٿي نہ لکيو آھي پر مرزا شاھہ بيگ ھٿان بکر جي قلعي جي مرمت جو بيان ڪندي لکي ٿو تہ ھن وقت تائين يعني 1009ھہ ۾ اھو قلعو موجود آھي. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ پاڻ وفات کان 4-5 ورهين اڳ تاريخ معصوميءَ لکيائين. قاضي قادن بابت مير معصوم لکي ٿو تہ ”قاضي قادن بن قاضي ابو سعيد بن زين الدين بکري، سندن وڏا ٺٽي ۽ سيوستان جي شھرن ۾ رھندا ھئا. سندن ڏاڏو ابوالخير، جو فضيلت جو صاحب ھو، سو وڃي بکر ۾ رھيو،“ اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪن ٻين تاريخن ۽ ادبي تاريخن ۾ بہ قاضي قادن جو احوال آيو آھي. قاضي قادن جو خاندان ھڪ علم وارو خاندان ھو. قاضي قادن جو جنم اٽڪل 870 هجري (1463ع) ڌاري بکر ۾ ٿيو ۽ تعليم بہ بکر ۾ ئي پرايائين. قرآن مجيد، حديث، تفسير، فقه، تصوف ۽ ٻين علمن جي جي ڄاڻ حاصل ڪري اعليٰ مرتبي تي پھتو. قاضي قادن سنڌ جي حاڪم ڄام نظام الدين جي دور ۾، ان کان پوءِ ڄام فيروز توڙي ارغون حاڪمن شاھہ بيگ ۽ شاھہ حسن جي دور ۾ ’قاضي‘ ۽ اعتماد وارو ماڻهو رھيو. قاضي قادن عالم، فاضل ۽ بُلند پايي جو شاعر هو، سڀ کان پھرين شاھہ ڪريم، قاضي قادن جا ست بيت مريدن ۽ معتقدن جي اڳيان پڙھيا ھئا، اھي بيت شاھہ ڪريم جي رسالي ’بيان العارفين‘ مان مليا، سي هي آهن:
جوڳيءَ جاڳايوس، سُتو ھوس ننڊ ۾،
تھان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.

سيئي سيل ٿيا، پڙھيام جي پاڻ لئہ
اکر اڳيان اُڀري واڳون ٿي وريام.

ڪنز قدوري قافيه، ڪو ڪونه پڙھيوم
سو پار ئي ٻيو، جئان پرين لڌوم

لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،
سوئي پڙھيو سو پڙھان، سوئي سو حرف

سڄڻ منجهہ ھئام، مون ويٺي واءُ ٿيا،
ھيڏانهن ھوڏانهن ھٿڙا، ھئين جاڙ وڌام.

سائر ڏيئي لت، اونچي نيچي ٻوڙيئي،
ھيڪائي ھيڪ ٿيو، ويئي سڀ جِھت.

لا لاهيندي ڪن کي، لامورهين ناتھہ
بلا ري پريان، ڪٿ نہ ڏسي ڪو ٻيو
مٿين بيتن جي ملڻ کان پوءِ ديوناگري رسم الخط ۾ لکيل ٻيا بہ ڪيترائي بيت مليا جيڪي 1978ع ۾ مشھور محقق ۽ اديب هيري ٺڪر موجودہ سنڌي صورتخطيءَ ۾ آڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا، جيڪي هريانا جي ضلعي پوانيءَ جي ڳوٺ راڻيلا ۾ هڪ دادو پنٿي ڀڳت هريداس جي مڙهيءَ ۾ رکيل هڪ مسودي مان هٿ آيا هئا. ھيري ٺڪر موجب انھيءَ بنيادي گرنٿ ۾ دادو ديال ۽ گرو نانڪ سميت ڪل 69 جو ڪلام آھي. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پھرين مليل سندس ستن بيتن جي آڌار تي بہ کيس ھڪ عالم ۽ صوفي شاعر ڪري مڃيو ويو هو، پر پوءِ سندس وڌيڪ ڪلام مليو تہ سندس شاعراڻي حيثيت اڃا بہ مٿاهين ٿي. ھيرو ٺڪر لکي ٿو ته، ”قاضي قادن ان وقت جي قصيده گوئي ۽ قصہ خوانيءَ واري درٻار ي شاعري ۽ مذھبي پرچارڪن جي شاعريءَ کي ادبي معيار عطا ڪيو.“ قاضي قادن قرآن شريف جو حافظ ۽ پنھنجي وقت جو يگانو عالم ھو. ان وقت جي سرڪاري ٻولي عربي ۽ فارسي هئي. هي عربي ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏھن ماخذن جي آڌار تي قاضي قادن جا 135 بيت هٿ ڪري تحقيق ڪئي. انھن ماخذن ۾راڻيلا مٺ جي گرنٿ ’سنتون ڪي واڻي‘ سميت ٻيا ٻاھر جا ۽ 6 سنڌ جا ماخذ آھن. ڊاڪٽر بلوچ قاضي قادن جي ڪلام جي معيار ۽ معنويت بابت لکي ٿو تہ: ”پرک جو پھريون معيار قاضي قادن جي ٻولي آھي، جيڪا 16 صدي عيسويءَ ۾ بکر جي علائقي واري سنڌ جي اتر ۽ سري واري سنڌي ٻولي ھئي. قاضي قادن سنڌ ۽ ھند جو وڏو عارف شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ جو اثر سنڌ جي صوفي درويشن توڙي سنڌ کان ٻاھر ھندوستان جي سنتن ساڌن تي پيو، فني لحاظ کان قاضي قادن جي ڪلام ۾ دوھا ڇند ۽ ٻيا ڇند جھڙوڪ سورٺا، تڻويري دوھو ۽ بڙو دوھو شامل آھن. معنيٰ جي لحاظ کان قاضي قادن جو ڪلام پنھنجي دور جي صوفيانه ۽ ناصحانه ڪلام جو نہ رڳو نمونو پر نمائنده ڪلام آھي. قاضي قادن تي مھدوي تحريڪ جو اثر نظر اچي ٿو. ان ڳالھہ ۾ ڪو شڪ ناهي تہ قاضي قادن زندگيءَ جي فلسفي کي سمجهيو ۽ ان بابت پنھنجا خيال ظاھر ڪيا. سندس ڪلام سنڌ، گجرات ۽ راجسٿان جي سنتن درويشن جي صحبت سبب سنڌ کان ٻاھر ويو ۽ ڏکڻ اولھہ ھند کان اتر ھند جي ھريانا صوبي ۾ وڃي پھتو.“ ھيري ٺڪر کان پوءِ ڪلام جي پڙھڻين کي ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي پروڙڻ ۽ درست رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ ڪلام جا ڏھہ ماخذ اڳيان رکي نہ رڳو انھن جي پڙھڻين کي ظاھر ڪيو، بلڪ درست بہ ڪيو. قاضي قادن جي وفات جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو تہ: ”آخري عمر ۾ مديني شريف ۾ وڃي رھڻ مان گمان ٿئي ٿو تہ قاضي صاحب پوءِ اتي ئي رھي پيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينھن مديني ۾ گذاريائين.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو