قاضي قمرالدين

قاضي قمرالدين

قاضي قمرالدين

قاضي قمرالدين: قاضي قمرالدين، ولد قاضي علي گوهر خان، 3 جون 1953ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 1974ع ۾ ’سنڌ يونيورسٽي اِنجينئرنگ ڪاليج ڄامشوري‘ مان اِليڪٽريڪل اِنجينئر جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن تہ 1986ع ۾ ’اين. ٽي. ٽي اِنسٽيٽيوٽ ٽوڪيو، جاپان‘ مان پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما جو ڪورس ڪيو. 1975ع کان ’پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽڊ‘ (PTCL) ۾ جونئر اِنجينئر کان جنرل مئنيجر تائين مختلف عھدن تي رهندي، سال 2008ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. هن 1978ع کان لِکڻ جي شروعات اَخباري ڪالمن کان ڪئي. سندس لِکڻين جو موضوع اَدب ۽ تاريخ آهن. تاريخ جي حوالي سان شھر نئين ديري بابت سندس ڪتاب ’نئون ديرو، نوان پُراڻا ورق‘ جي نالي سان ڇپجي چُڪو آهي. هن وقت ’ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي‘ جي ’بورڊ آف گورنرس‘ جو ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.03  عيسوي

ليکڪ ۽ اِنجينئر قاضي قمرالدين، ولد قاضي علي گوهر خان، 3 جون 1953ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير فخرالدين علوي شڪارپوري
استاد انور علي سانگي
سيد جيئندل شاھہ لڪياري
مير رستم خان ٽالپر
پير صدرالدين
ابوجهل
احسن ڪربلائي
ڀيو ڪوڙا خان
ٺٽي جا مغل نواب
زاهده گوپانگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون