قاضي محمد باقر ’راقم‘: قاضي محمد باقر ’راقم‘ ولد ميان محمد حيات قريشي شڪارپور ۾ واڳڻي در ڀرسان قاضين جي پاڙي جو رهاڪو هو. سندس وڏا ’قاضي‘ جي اعليٰ عھدي تي فائز رهيا، جنھنڪري پاڻ ’قاضي‘ سڏجڻ لڳا. محمد باقر ’راقم‘ پنھنجي دور جو بھترين غزل گو شاعر هو. پاڻ خوش محمد ’خاطي‘، عبدالقادر ’بيدل‘، محمد صديق ’صديق‘ ۽ شير محمد قريشي جن جي دور جو شاعر هو. جيتوڻيڪ سندس وفات ٽيهن ورهين جي ننڍڙي عمر ۾ ٿي، پر سندس ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن جو ڪلام پختو ۽ پرسوز آهي. ’راقم‘ شاعر هجڻ سان گڏ خوش نويس بہ هو. قاضي محمد باقر ’راقم‘ مدرسو قائم ڪري، درس و تدريس جو سلسلو بہ شروع ڪيو هو. هن 22 نومبر 1894ع تي وفات ڪئي.