قاضي محمد دائود ٽکڙائي

قاضي محمد دائود ٽکڙائي: حافظ حاجي ’حامد‘ جو ٻيو نمبر فرزند، قاضي محمد دائود، اٽڪل 1286ھہ/ 1869ع ڌاري پراڻي ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. مشھور شاعر محمد هاشم ’مخلص‘ سندس وڏو ڀاءُ هو. مرحوم محمد دائود، سنڌي توڙي پارسي وغيرہ ۾ چڱي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. پوليس جي ملازمت باوجود هن پنھنجو علمي ڪم جاري رکيو. نثر ۾ ’مومن‘ ٽکڙائيءَ جي نالي سان، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپيا. شعر ۾ ڪن ٿورن نظمن ۾ ’مومن‘ باقي ٻين ۾ ’دائود‘ تخلص آندو اٿس. دائود سنڌي ڏوهيڙا بہ چيا آهن. عشقيہ غزلن سان گڏ، ’سھڻي ميھار‘، ’سسئي پنھون‘، ’ليلا چنيسر‘، ’عمر مارئي‘ وغيرہ تي بہ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس بياض ’لحن دائود‘ جي نالي سان سندس فرزند محمد خان ’غنيءَ‘ وٽ محفوظ هو. 19 مارچ 1937ع تي، اٽڪل 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  عيسوي


1937.03.19  عيسوي

19 مارچ 1937ع تي، اٽڪل 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد شفقت حسين موسوي
عنايت شاھہ
پلي عزيز
ڪرم خان مري
ڪليم ﷲ لاشاري ڊاڪٽر
رازي فخرالدين
ڌامراهوعبدالرحمان مولانا
شير محمد راهوجو
حاجي محمد قائم جي مسجد
اقبال احمد انصاري ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون