
قاضي محمد سلطان مومِن
قاضي محمد سُلطان ’مومِن‘: قاضي محمد سلطان ’مومن‘ سماج سيوڪ هو، 1889ع ڌاري ڳوٺ خدا بخش کٽياڻ، ضلعي ميرپور خاص ۾ فقير محمد صالح خاصخيليءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ديني تعليم ڳوٺ ۾ ميين محمد عليءَ وٽ پرائي، جتي قرآن مجيد کانسواءِ ابوالحسن جي سنڌي ۽ فارسيءَ جو بنيادي ڪتاب دوايو ٽوايو بہ پڙهيو. جوڀن ۾ پير رکندي ئي سندس ٽيئي ڀائر گذاري ويا، جن جي اولاد جي سنڀال جو بار بہ مٿس پيو، جنھن سبب شروع ۾ سيٺ مانو مل ۽ پوءِ نواب الھداد خان ٽالپر جي زمين جي سار سنڀال لاءِ ملازمت ڪيائين. 1931ع ۾ بئراج وهي اچڻ بعد اباڻي زمين کپائي، سونٺي ۾ ڪجهہ زمين خريد ڪيائين ۽ گڏوگڏ واپار ڪرڻ لڳو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ ڪنريءَ ڀرسان ديھه ٻسٽان ۾ پڻ زمين خريد ڪيائين. ايئن آهستي آهستي سندس زمينداري وڌندي وئي ۽ زمين جي بچت مان ڪپھه جو ڪارخانو پڻ لڳايائين. ان دوران علائقي ۾ تعليم جي کوٽ کي محسوس ڪندي پھريان پنھنجي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول ذاتي خرچ تي تعمير ڪرايائين، جنھن کي بعد ۾ سرڪار جي تحويل ۾ ڏنو ويو. ان بعد ڪنري شھر ۾ 14 ڪمرن تي مشتمل پرائمري اسڪول جي بلڊنگ، شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل ۽ مسجد ذاتي خرچ تي تعمير ڪرايائين. ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي ٻار پڙهائڻ لاءِ راضي ڪيائين. هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جي کاڌ، خوراڪ، ڪپڙن ۽ علاج جو خرچ پاڻ ڪندو هو. سندس اهو اسڪول اڳتي هلي مڊل اسڪول، بعد ۾ هاءِ اسڪول ۽ پوءِ هائير سيڪنڊري اسڪول بڻيو.
سرڪاري ڪامورن سان ملي، انهن اسڪولن کي سموريون سھولتون ڏياريندو رهيو. ڪنري توڙي آسپاس جي ڪيترن ئي اسڪولن توڙي مدرسن جي مالي مدد پڻ ڪندو رهيو. هن ڪيترن ئي شاگردن جي مالي مدد بہ ڪئي. هِن قاضي سلطان هايئر سيڪنڊري اسڪول، ڪاليج، وٽرنري سينٽر، حاجره ميٽرنٽي هوم، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن لاءِ ذاتي زمين عطيي طور ڏني.
قاضي سلطان 82 ورهين جي ڄمار ۾ 19 مارچ 1971ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ڪنريءَ کان اولھہ طرف وليي فقير واري قبرستان ۾ آهي.