قاضي محمد صادق مورائي حڪيم

قاضي محمد صادق ’مورائي‘ حڪيم: قاضي محمد صادق ولد مخدوم ميان عبدالرئوف مورائي، 13 ذوالقعد 1300 ھہ/ 15 سيپٽمبر 1883ع تي موري ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم فيروز شاھہ، ضلعي دادوءَ جي قديم درسگاھہ مان حاصل ڪئي. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد علم طب جي تحصيل مولانا عبدالغفور همايونيءَ وٽان، 1322ھہ/1904ع ۾ ڪيائين. قاضي محمد صادق تحرير ۽ فتويٰ نويسيءَ جو ڄاڻو هو. هيءُ ڪاتب، خط نويس بہ هو. ڪيترن ئي وڏن عالمن جي فتوائن ۽ تحريرن کي غلط قرار ڏيندي، انھن جو رد لکيائين. هن سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ شاعري بہ ڪئي. سندس ڪلام ۾ تصوف جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’صادق‘ ۽ ’فقير‘ هو، جڏهن تہ فارسيءَ ۾ ’واعظ‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس وڏو ڀاءُ صديق مورائي'>حڪيم محمد صديق مورائي بہ وقت جو عالم ۽ خلافت تحريڪ جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي. ’بيان صادق‘، ’ڪلام صادق‘ ۽ ’تحريرون ۽ فتوائون‘ سندس اهم تصنيفون آهن. هن 16 ذوالحج 1388ھہ / 6 مارچ 1969ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو