قاضي محمد عرس

قاضي محمد عرس (شاعر ۽ سگهڙ): قاضي محمد عرس، 1843ع ڌاري لنواري شريف جي عباسي گهراڻي ۾ قاضي محمد يوسف جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم لنواري شريف جي درگاھہ ۾ ۽ فارسي تعليم مٽيارين جي نامور عالمن مولوي ولي محمد ۽ مولوي محمد عليءَ وٽان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ ڏانھن لاڙو هئس. پنھنجي سئوٽ گل محمد سان گهڻي محبت هئڻ ڪري شاعريءَ ۾ سندس نسبت سان ’گل‘ تخلص اختيار ڪيائين. غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي پنھنجو نالو ’عرس‘ پڻ ڪتب آندو اٿس. پاڻ غزل جو سٺو شاعر هو. لاڙ جا مشھور شاعر مولوي حاجي محمد رمضان ۽ مولوي حاجي احمد ملاح سندس همعصر هئا.
قاضي محمد عرس ٿر جي شيخن مان شادي ڪئي، جيڪي عجيج فقير جي ڀٽ جي ڀرسان رهندا هئا. سندس وفات 1833ع ڌاري ٿر ۾ سھريجن جي ڳوٺ ۾ ٿي. سندس آخري آرامگاھہ عجيج فقير جي ڀٽ تي، شير واھہ جي ڇوڙ وٽ، ڍوري پراڻ جي اڀرندي طرف آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو