قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي

قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي: قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي بن قاضي محمد حسين ٺٽي جو قاضي القضاة هو، سندس خاندان جو وڏو قاضي محمد اُچي، ميرزا شاھہ حسن بيگ ارغون جي دور ۾ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو . ان کان پوءِ قاضي محمد جو پٽ شيخ فريد قاضي بڻيو . شيخ فريد جي فيصلن جا نقل مخدوم محمد هاشم جي تصنيف ۾ ملن ٿا.
قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي پنھنجي والد قاضي محمد حسين جي ئي زماني ۾ قاضيءَ جي عھدي تي فائز ٿيو. قاضي يحيٰ شرعي فيصلن ۾ انصاف ۽ احتياط کان ڪم وٺندو هو. بادشاھہ اورنگزيب عالمگير کيس قاضي القضاة جي منصب تي مقرر ڪيو هو، کيس عھدي ملڻ جي تاريخ عبدالباسط ٺٽويءَ جي هن فقري ’نافذالعمل‘ (1103ھہ/1691ع ) مان نڪري ٿي. هن 1137ھہ/1724ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ قاضي محمد يحيٰ ٺٽويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو