قاضي منظر حيات

قاضي منظر حيات

قاضي منظر حيات

قاضي منظر حيات (شخصيت): قاضي منظر حيات پھرين آڪٽوبر 1967ع تي، قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي گهر ۾ رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سال 1989ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري 1991ع ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. هن 1978ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڊرائنگ ۽ آرٽ پنھنجن وڏن ڀائرن قاضي خضر حيات ۽ قاضي اختر حيات کان سکيو. قاضي منظر حيات هن وقت تائين ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل، سنڌ جي مشھور شخصيتن جا اسڪيچ، شاھہ لطيف، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سچل سرمست، استاد بخاري، شمشير الحيدري، نياز همايوني ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جون خوبصورت ڊزائنون ٺاهڻ کان علاوہ ٻارن جي رهنمائي ۽ تربيت لاءِ بہ ڪيترائي اسڪيچ ٺاهي چڪو آهي. قاضي منظر 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر منظر حيات ٻارن لاءِ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. جن ۾ ’ناميارا سائنسدان‘ (پھريون، ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو)، ’وقت ۽ امتحان‘ (ايڊيسن جي ڪھاڻي) ۽ ’سائنسي ڄاڻ‘ شامل آهن. قاضي عبدالحئي جي شخصيت تي لکيل سندس ڪتاب ’هڪڙو پيارو ماڻهو‘ 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سياسي، سماجي حالتن جي حوالي سان سرجيل ۽ سندس چؤسٽا، ٽه سٽا ۽ بيتَ سالن کان ڪيترين سنڌي اخبارن ۾ لاڳيتو ڇپجندا رهن ٿا. قاضي منظر شيخ اياز سان ڪراچيءَ ۾ گهڻو ويجهو رهيو. هن اياز جي ڪيتري شاعري ۽ نثر پنھنجي هٿن سان لکي محفوظ ڪئي.


لفظ قاضي منظر حياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.10.01  عيسوي

قاضي منظر حيات پھرين آڪٽوبر 1967ع تي، قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي گهر ۾ رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ حڪومت خان
ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2
بولچند راجپال
نظير احمد چارڻ ڊاڪٽر
استاد انور علي سانگي
برڪت علي خان
دارا شاھہ 1
شھزور علي طيباڻي
پير محمد هاشم جان سرهندي مولانا
تارا ميرچنداڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون