
قبر
قبر: ڪنھن مري ويل جي تدفين واري جاءِ کي قبر سڏيو ويندو آهي. جتي گهڻيون قبرون هونديون آهن. انهي جاءِ کي قبرستان سڏبو آهي. دنيا جي مختلف مذهبن جا ماڻهو مُردن کي پوريندا آهن پر مسلمانن ۾ مُردي کي پورڻ ۽ قبر کوٽڻ اسلامي روايتن جي بنياد تي ٿئي، اسلام ۾ قبر جو هڪ احترام بہ آهي. قبر جو مٿي وارو پاسو اتر طرف ڪيو ويندو آهي. قبر کي ماڻهن ۽ مال جي لتاڙ کان بہ بچايو ويندو آهي. مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ قبر ڪچي ڇڏي ويندي آهي پر ڪن فرقن ۾ پڪي ٻڌرائڻ جي اجازت آهي.