قبو

قبو

قبو

قبو: قبر مٿان اڏيل عمارت، گنبذ، روضي ۽ مقبري کي قبو سڏيو ويندو آهي. سڄي دنيا جي مذهبي ملڪن ۾ پنھنجي مذهبي ۽ روحاني پيشوائن، صوفي بزرگن ۽ عظيم اڳواڻن جي قبرن مٿان قبا اڏائڻ جو رواج رهيو آهي. سنڌ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، صوفي شاھہ عنايت شھيد، محمد راشد روضي ڌڻي ۽ غلام شاھہ ڪلهوڙي سميت ڪيترن بزرگن تي قبا اڏيل آهن. ڪيترائي قبرستان گهڻن قبن ڪري، قبن جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. جن ۾ ميرن جا قبا، ڪلهوڙن جا قبا، بالوءَ جا قبا وغيرہ مشھور آهن.


لفظ قبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو