قدرتي ڪُونر

قدرتي ڪُونر (ماڳ): قدرتي ڪونر سيوهڻ شھر مان جهانگارن کان ڪرچات ويندي، ٻنڌڻيءَ کان 3 ڪلوميٽر پھرين، رستي جي ساڄي پاسي آهن. هتي ٽي چار گول دائرا آهن. جيئن ڪنھن ٻڙڪندڙ گپ کي ڪنارا ٻڌجن يا وري جيئن گارو ٺاهڻ مھل گاري جي چوڌاري گول ٻنو ٺاهيندا آهن يا وري جيئن مال جي چاري لاءِ ڪونر هجن. هيءَ پٿريلي بناوت جوڙجڪ آهي. هنن قدرتي ڪونرن جي گولائي ڪا وڏي نہ آهي. اهي عام ڪونرن جيترا ۽ هيٺانھان آهن. ائين ٿو لڳي تہ ڪنھن وقت زميني لاوي جو ٿورو مقدار اتان زمين مان ٽن چئن جاين تان ٻڙڪي نڪتو آهي، ڪجهہ وهيو بہ آهي ۽ پوءِ هوريان هوريان ٺري ويو آهي. انهن جوالائي ڪونرن جي اندر چن جو پٿر ۽ ان مان اڀامي وهي نڪتل گهري رنگ جو جوالائي مادو صاف ڏسجي ٿو. اهي ڪونر زمين کان فوٽ ڏيڍ اڀريل آهن ۽ انھن جو قطر چئن کان اٺن فوٽن تائين آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو