قدمن وارو قبرستان

قدمن وارو قبرستان: ضلعي ٺٽي جي ميرپور ساڪري شھر جو هڪ آڳاٽو قبرستان، جيڪو ڀنڀور کان لڳ ڀڳ 10 ميل ڏکڻ طرف ۽ گهاري کان يارهن ڪلوميٽر ساڪري ويندڙ روڊ سان ’ليٽ‘ نالي ڳوٺ کان اولھہ طرف ساڍا ٽي ڪلو ميٽرن تي واقع آهي. قبرستان جي پٿريلين قبرن تي قرآني آيتن سان اُڪر جو بھترين ڪم ٿيل آهي. هي قبرستان مڪليءَ کان پوءِ وڏو ۽ قديم قبرستان ليکيو وڃي ٿو. هتي ٻہ عاليشان مقبرا ٺھيل آهن، جنھن مان هڪڙي کي پيران پير دستگير جا قدم تہ ٻئي کي حضرت علي عليہ السلام جا قدم چيو وڃي ٿو. اِهي اڏاوتون ڏهين صدي هجري/سورهين صدي عيسوي جون آهن. پنجاھہ ايڪڙن تي پکڙيل هن قبرستان جون قبرون گهڻي ڀاڱي پٿر ۽ سِرن جون ٺھيل آهن. هتان جون ڪي قبرون ٻہ طبق تہ ڪي ٽه طبق بہ آهن. هتي گهڻو ڪري لاشارين، ڪلمتين، برفتن ۽ جوکين جون قبرون آهن. ڪن قبرن تي قرآني آيتن کان سواءِ اُٺ ۽ گهوڙا بہ اڪريل آهن. قبرستان ۾ 400 جي لڳ ڀڳ قبرون آهن، جيڪي مڪليءَ جي قبرن سان مشابھت رکن ٿيون. ٽن قبرن کانسواءِ ڪنھن بہ قبر تي ڪا تاريخ لکيل نہ آهي. قدمن واري مقام کان ڏکڻ طرف مجاورن جي گهرن جي ڀرسان، قدمن جي متولي جي قبر جا نشان آهن، جنھن تي 1180ھہ/1766ع جو سن لکيل آهي. قدمن جا متولي ڀنڊ - جوکيا آهن، جيڪي گهاري شھر ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو