قدم گاهه زيارت

قدم گاهه زيارت

قدم گاھہ زيارت

قدم گاھہ (زيارت): حيدرآباد شھر ۾ ’قدم گاھہ‘ واري بارگاھہ ٽالپورن جي حڪومتي دؤر کان هڪ وڏي زيارتگاھہ طور مشھور آهي. جتي حضرت علي عليہ السلام جي قدمن مبارڪ جو پٿر رکيل آهي. اهو پٿر ايران جي حاڪم فتح علي شاھہ قاچار سنڌ جي حاڪم مير غلام علي خان ٽالپور کي تحفي طور موڪليو هو. مير غلام علي خان ٽالپور قلعي ۾ اندر هڪ بارگاھہ ٺھرائي، اهي قدم مبارڪ اتي نصب ڪيا، جن جي زيارت صرف مخصوص ماڻهو ڪري سگهندا هئا. جڏهن سنڌ جو آخري بادشاھہ مير نصير خان سنڌ جو حاڪم ٿيو تہ هن موجودہ هنڌ تي هڪ عاليشان بارگاھہ ٺھرائي قدم مبارڪ نصب ڪيا تہ جيئن هر خاص و عام زيارت ڪري سگهي. قدم گاھہ واري زيارتگاھہ جو اصل وارث حيدرآباد جي شھداداڻي ٽالپور حاڪمن جو پونئير مير حيدر علي خان ٽالپور (خاندان جو سربراھہ) آهي. قدم گاھہ واري زيارت بابت هزهائينس مير محمد حسين ٽالپر پنھنجي ڪتاب ’ياد رفتگان‘ (قلمي) ۾ ڄاڻائي ٿو: ٽالپور حاڪمن جا ايران جي قاچاريه حاڪم فتح علي شاھہ قاچار سان دوستاڻا تعلق هئا.“ دستور مطابق مير غلام علي پنھنجي عھد 1219ھہ/1804ع ۾ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ کي پنھنجو سفير ڪري ايران موڪليو هو، گڏوگڏ مير صاحب ايران جي بادشاھہ لاءِ ناياب تحفا جن ۾ گهوڙا، قلمي قرآن مجيد، قيمتي جواهر، جڙاؤ تلوارون ۽ شڪيلا (تلوار جي مياڻ ۾ ننڍو خنجر) وغيرہ پڻ موڪليا. هوڏانھن فتح علي شاھہ قاچار، سيد ثابت علي شاھہ کي سنڌ ڏي واپس اچڻ وقت مير غلام علي خان لاءِ ڪيترائي ناياب تحفا ڏنا، جن ۾: (1) ڪاشان جا ريشمي دوشالا (2) چيني جا منقش ڪاسا (3) جڙاؤ هٿيار (تلوارون ۽ خنجر) (4) مطلا قرآن مجيد (5) حضرت علي بن موسيٰ الرضا عليہ السلام جن جو خط ڪوفي ۾ لکيل قرآن مجيد، (جنھن جو پھريون اڌ مير غلام علي خان ٽالپور کي مليو، جيڪو ٽالپورن جي شاهي ڪُتب خاني ۾ اڃا تائين موجود آهي ۽ پويون اڌ فتح علي شاھہ قاچار پاڻ وٽ رکيو، جيڪو هن وقت مشھد (ايران) جي رضويه ميوزيم ۾ موجود آهي). (6) حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام جي قدمن وارو پٿر مبارڪ. مير غلام علي خان ٽالپور قدمن واري پٿر کي قلعي ۾ ايندڙ معزز مھمانن جي زيارت لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ اندر چار مسجدون ۽ هڪ امام بارگاھہ هئي. مير صاحب امام بارگاھہ جي ڀر ۾ قدم شاھہ نالي بارگاھہ تعمير ڪرائي، ان ۾ قدمن وارو پٿر نصب ڪرايو، جنھن جي زيارت قلعي ۾ مخصوص ايندڙ ماڻهو ڪندا هئا. جڏهن سنڌ جو حاڪم مير محمد نصير خان ٽالپر ٿيو تڏهن هن عوام جي اصرار تي قدمن وارو پٿر مبارڪ قلعي مان کڻائي پنھنجي تعمير ڪرايل امام بارگاھہ (هوم اسٽيڊ هال جتي اڳ ۾ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو پڙ هو) جي ويجهو هڪ جدا ٻي بارگاھہ ٺھرائي نصب ڪيو. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي واري پڙ کي مير نصير خان نئين سر تعمير ڪرائي هڪ بلند علم نصب ڪيو، جنھن کانپوءِ اهو ’مير نصير خان جو پڙ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. انگريزن پنھنجي دور حڪومت ۾ مير نصير خان ٽالپور واري پڙ جي جڳھه تي قبضو ڪيو جنھن کان پوءِ 1870ع واري ڏهاڪي ۾ ڪليڪٽر جي حڪم سان حيدرآباد ميونسپالٽي انھيءَ پڙ واري هنڌ ’هوم اسٽيڊ هال‘ ٺھرايو، جتي موجودہ وقت ’حسرت موهاني لائبريري‘ قائم ڪئي وئي آهي. 1843ع ۾ انگريزن جي فتح کان پوءِ مير صاحب قيد ٿي ڪلڪتي هليا ويا. جتان ڪجهہ مير صاحب 1863ع ۾ آزاد ٿي واپس آيا. انهن ويھن سالن ۾ بارگاھہ قدم مبارڪ کي تمام گهڻو نقصان رسيو. انھيءَ افراتفري واري دؤر ۾ ڪجهہ شرپسند اڻڄاتل ماڻهو بارگاھہ جي چانديءَ واري دروازي تي لڳل چانديءَ جو پڙڇ چوري ڪري ويا. 1863ع ۾ جڏهن مير حسن علي خان ٽالپور واپس سنڌ آيو تہ بارگاھہ قدم گاھہ جي هي حالت ڏسي هڪدم ان جي مرمت ڪرائي. ٽالپورن جي دؤر ۾ هن کي ’درگاھہ قدم شاھہ‘ ڪري سڏيندا هئا پر هاڻ هن کي ’شاھہ جا قدم‘، ’مولا علي جا قدم‘، يا ’قدم گاھہ مولا علي‘ ڪري سڏين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو