قربان بگٽي

قربان بگٽي

قربان بگٽي

قربان بگٽي: قربان علي ولد روحل خان بگٽي لاڙڪاڻي شھر لڳ سندس ڏاڏي جي نالي سان ٻڌل ڳوٺ گلاب خان بگٽيءَ ۾ پھرين جون 1936ع تي ڄائو. سندس خاندان اٽڪل ڏيڍ سؤ سال اڳ بلوچستان کان لڏي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1954ع ۾ بئراج کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڪيو. 26 سالن بعد اسسٽنٽ مختيارڪار جي حيثيت ۾ 1980ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. ادبي حلقي ۾ تنقيد نگار طور کيس وڏي پذيرائي ملي. ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو هو. جھڙوڪ بلوچي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جو ڄاڻو هو، خاص ڪري قومپرستن، سوشلسٽن ۽ ڪميونسٽن تي سخت ٻوليءَ ۾ تنقيد سبب مشھور هو. ادب ۽ تنقيد تي سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ’ڀيلي تي ڀليڪار‘ (شيخ اياز ۽ سندس شاعري، تنقيدون ۽ تبصرا)، ’سيڻ مٽائن سون تي‘ (پير حسام الدين راشدي ۽ سندس ڪتاب تي تنقيد)، ’ڪميونسٽ منشور‘ (مطالعاتي جائزو)، ’پاڪستان جو ٺھراءُ‘ ۽ ’ترقي پسند فڪر جو مطالعو‘ شامل آهن. ان کانسواءِ ’ڀٽو ۽ ون يونٽ‘، ’قرارداد پاڪستان‘، ’رسول خدا مغربي نقادن جي نظر ۾‘، ’رسول خدا جون شاديون‘، ’ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ سندس ادبي چوريون‘ ۽ ’لاڙڪاڻي ۾ بگٽين جي آبادڪاري‘ جھڙا تحقيقي مضمون بہ لکيائين. سندس ڪتابن ۽ مضمونن تي لطيف ايوارڊ، رهبر گلڊ ايوارڊ ۽ هجره ايوارڊ وغيرہ مليا. اٽڪل چئن سالن تائين هو روزانو ’آفتاب‘ اخبار جو لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف بہ رهيو. 7 جنوري 1986ع تي دل جي باءِ پاس ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.06.01  عيسوي

قربان علي ولد روحل خان بگٽي لاڙڪاڻي شھر لڳ سندس ڏاڏي جي نالي سان ٻڌل ڳوٺ گلاب خان بگٽيءَ ۾ پھرين جون 1936ع تي ڄائو.


1986.01.07  عيسوي

قربان بگٽي 7 جنوري 1986ع تي دل جي باءِ پاس ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عمران مگسي
پارپتي ماڙيچاڻي
اعجاز علي بيگ مرزا
سيد نور شاھہ
پلي رحم علي
امداد علي اوڍو
چراغ شاه
حڪيم محمد مراد چنا
تاج محمد رضائي
عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون