
قربان جيلاني
قربان جيلاني: قربان جيلانيءَ جو جنم 18 سيپٽمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. حيدرآباد مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، 1959ع ۾ هُن پنھنجي فني جي شروعات بہ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي. 1966ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر شروع ٿيڻ کان پوءِ قربان جيلاني، پي ٽي وي تي شروع ۾ ميزبان طور ۽ پوءِ ڊرامن ۾ اداڪار طور ڪم شروع ڪيو، اُن دوران هن پي ٽي وي جي اداڪارا عذرا شيروانيءَ سان شادي ڪئي. فلمي دنيا ۾ هو اداڪار محمد علي ۽ مصطفيٰ قريشيءَ جو همعصر رهيو. هن 8 اردو، 7 سنڌي ۽ هڪ پنجابي فلم ۾ بہ ڪم ڪيو. سندس مشھور سنڌي فلمون: ’جيجل‘، ’رت جي راند‘، ’رت جا رشتا‘، ’چانڊوڪي‘ ۽ ’شھزور‘، جڏهن تہ مشھور اردو فلمون: ’جھان تم وهان هم‘ ۽ ’البيلي‘ آهن. سندس مشھور ڊرامن ۾: ’انڪل عرفي‘، ’ڇوٽي سي دنيا‘، ’انتظار فرمائيي‘، ’شمع‘، ’رات ڪي آنکين‘، ’ديوارين‘، ’الجهن‘ ۽ ’ناديه‘ شامل آهن. هن ريڊيو ٽيليويزن ۽ اسٽيج جي فنڪارن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ تنظيم ’ايڪٽر ايڪٽوٽي‘ بہ جوڙي هئي. سندس ٻہ فرزند عدنان ۽ ڪامران جيلاني بہ اداڪاريءَ سان سلھاڙيل آهن. هن 30 آڪٽوبر 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تربت گلشن اقبال جي هڪ قبرستان ۾ آهي.
1938.09.18 عيسوي
قربان جيلانيءَ جو جنم 18 سيپٽمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
1996.10.30 عيسوي
قربان جيلاني 30 آڪٽوبر 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تربت گلشن اقبال جي هڪ قبرستان ۾ آهي.