قربان منگي

قربان منگي

قربان منگي

قربان منگي: قربان ولد حسين بخش منگي، پھرين اپريل 1961ع تي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اڪنامڪس آهي. هن 1996ع ۾ سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي نالي هڪ اسڪول قائم ڪيو. جنھن جو پاڻ ڊائريڪٽر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’۽ هوءَ هلي وئي (ڪھاڻيون: 1980ع)، (2) ’راهن جو رولاڪ‘ (ڪھاڻيون ۽ شاعري: 1987ع)، (3) ’مسافر‘ (سفرنامو: 1990ع)، (4) ’هڪ گهڙي پيار جي‘ (سفرنامو: 2004ع)، (5) ’آمريڪا ۾ ايڪٽيھہ ڏينھن‘ (سفرنامو: 2009ع) (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران انعام يافتہ)، (6) ’سچل يادگار ڪاميٽي، تاريخ جي پسمنظر ۾‘ (2010ع)، (7) ’هوائيءَ جي هوائن مان‘ (سفرنامو: 2020ع)، (8) ’چائنا ۾ چوويھه ڏينھن‘ (سفرنامو: 2020ع) شامل آهن. قربان، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جو باني آهي. هن اداري ڪيترائي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ادارن سان لاڳاپيل آهي. کيس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن.


لفظ قربان منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.04.01  عيسوي

قربان ولد حسين بخش منگي، پھرين اپريل 1961ع تي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگو چانڊيو
غلام محمد ملڪاڻي مولانا
عشرت گل
شجاع حبشي
راجو خمره
ايف اي خان ڊاڪٽر
ام ابي هريره رضہ
عالم خان گوپانگ
پرشوتم ڀڳوانداس
پير پاڳارا خاندان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون