
قرت العين حيدر
قرت العين حيدر: قرت العين حيدر 20 جنوري 1927ع تي، اُترپرديش جي علي ڳڙھہ (انڊيا) شھر ۾ هڪ وچولي علمي ادبي گهراڻي ۾ پيدا ٿي. سندس خاندان جا ڪيترائي فرد مغل درٻار ۾ مختلف منصبن تي فائز رهيا. سندس پڙ ڏاڏي مير احمد علي، 1857ع جي آزاديءَ واري جنگ ۾ حصو ورتو. سندس ڏاڏو جلال الدين حيدر انگريز حڪومت وٽ سرڪاري ملازم جي حيثيت ۾ بنارس جو حاڪم ٿيو ۽ خان بھادر جو خطاب حاصل ڪيائين. سندس والد سجاد حيدر يلدرم جو شمار اردوءَ جي اوائلي ترجمي نگارن ۽ افسانہ نويسن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن تہ سندس والدہ نذر سجاد بہ اردوءَ جي مشھور ناول نويس هئي.
هن ڪانوينٽ اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، لکنئو يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. گورنمينٽ اسڪول آف آرٽس لکنئو ۽ ’هيڊ مينز اسڪول آف آرٽس لنڊن‘ مان مصوريءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو. هن 1950ع ۾ اطلاعات و نشريات واري کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ان کان سواءِ لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ پريس اتاشي ۽ ڪجهہ عرصو P.I.A ۾ انفرميشن آفيسر طور ملازمت ڪيائين. قرت العين حيدر ڇھن سالن جي عمر ۾ ڪھاڻي لکڻ سان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. سندس ڪھاڻين جا ڪردار گهڻو ڪري ڏکڻ هندستان جي وچولي طبقي ۽ گڏيل گنگا جمنا تھذيب سان وابستہ آهن. پاڪستان ۾ جنرل ايوب جي مارشل لا سبب اديبن تي لڳل پابندين ڪري، هوءَ وڌيڪ مايوس ٿي ۽ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي شھريت ترڪ ڪري، پھرين لنڊن ۽ پوءِ مستقل طور هندستان ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
پاڪستان ۾ رهڻ دوران هن ڪيتريون ئي دستاويزي فلمون پيش ڪيون. جڏهن تہ هندستان سينٽرل بورڊ آف فلمز سان بہ وابستہ رهي. سندس شھرت جو سبب رڳو ناول نگاري ناهي، پر سندس افسانا ۽ ڪجهہ مشھور تصنيفن جا ترجما بہ آهن. سندس مشھور تصنيفن ۾: ’آگ کا دریا‘٬ ’آخرِ شب کے ہمسفر ‘٬ ’میرے بھی صنم خانے‘٬ ’چاندنی بیگم‘٬ ’کارِ جہاں دراز ہے‘٬ ’روشنی کی رفتار‘٬ ’سفینۂ غمِ دل‘٬ ’پت جهڑ کی آواز‘٬ ’گردشِ رنگِ چمن‘٬ ’چائے کے باغ‘٬ ’ستارو ں سے آگے‘٬ ’کوہِ دماوند‘٬’قندیلِ چین‘٬’شیشے کے گهر‘٬’دلربا‘٬ ’سیتاھرن‘ ۽ ’اگلے جنم موہے بٹیا نہ کیجو‘ شامل آهن. سندس مشھور ناولن ’آخرِ شب کے ہمسفر ‘ جو سنڌيءَ ۾ ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘ ۽ ’سیتا ہرن‘ جو ’سيتا هرڻ‘ جي نالي سان ولي رام ولڀ ترجمو ڪيو. سندس ڪجهہ ڪھاڻين جو مدد علي سنڌيءَ پاران ڪيل سنڌي ترجمو ’قلندر‘ جي نالي سان 1982ع ۾ ڇپيو. سندس ناولن ۽ ڪھاڻين ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو درد واضح نظر اچي ٿو. ادبي تخليقن کان سواءِ هن صحافت، فلم ۽ مصوريءَ جي شعبن ۾ بہ سٺو ڪم ڪيو. پاڪستاني رسالي ’پاڪستان ڪوارٽرلي‘ جي قائم مقام ايڊيٽر، هندستان جي هفتيوار انگريزي رسالي ’السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا‘ جي ساٿي ايڊيٽر ۽ رسالي ’امپرنٽ‘ جي چيف ايڊيٽر رهي.
قرت العين حيدر کي هندستان ۾، پنھنجي ادبي سفر دوران 31 معتبر اعزازن ۽ اوارڊن سان نوازيو ويو. جن ۾ ساهتيہ اڪيڊمي اوارڊ دهلي، سوويت لئنڊ نھرو اوارڊ، پرويز شاهدي ڪُل هند اوارڊ، اُتر پرديش اردو اڪيڊمي اوارڊ، غالب اوارڊ، غالب مودي اوارڊ، اقبال سمان اوارڊ، ڪل هند بھادر شاھہ ظفر اوارڊ، ڀائي وير سنگهہ انٽرنيشنل اوارڊ، ڀارت گورو روٽري انٽرنيشنل اوارڊ، گيان پيٺ اوارڊ، پدم شري اوارڊ ۽ پدم ڀوشن اوارڊ شامل آهن. پاڻ آمريڪا جي يونيورسٽين سميت علي ڳڙھہ يونيورسٽي ۽ جامعہ مليه اسلاميہ دهليءَ ۾ حياتيءَ جي آخري ڏينھن تائين وزيٽنگ پروفيسر رهي. هن 21 آگسٽ 2007ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي. کيس جامعہ مليه اسلاميہ دهليءَ جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
1927.01.20 عيسوي
قرت العين حيدر 20 جنوري 1927ع تي، اُترپرديش جي علي ڳڙهه (انڊيا) شھر ۾ هڪ وچولي علمي ادبي گهراڻي ۾ پيدا ٿي.
2007.08.21 عيسوي
قرت العين حيدر21 آگسٽ 2007ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي.