قرت العين طاهره

قرت العين طاهره

قرت العين طاهرہ

قرت العين طاهرہ: قرت العين طاهرہ ايراني عالم ملا محمد صالح جي گهر ۾ قزوين ۾ ڄائي. سندس جنم تاريخ بابت اختلاف آهن. وڪيپيڊيا موجب سندس جنم 1814ع يا 1817ع ۾ ٿيو. هوءَ فارسي ۽ عربي جي شاعرہ هئي ۽ شاعريءَ ۾ پنھنجو تخلص ’طاهرہ‘ ڪتب آڻيندي هئي. هن جو والد ملا صالح بہ پنھنجي وقت جو عالم هو. هن جي دوستي رشت شھر جي رهاڪو حاجي سيد ڪاظم سان هئي، جيڪو شيخه مڪتب فڪر جي فرقي ’شيخيت‘ جي باني احمد احسائيءَ جو مريد ۽ خليفو هو. واضح رهي تہ شيخيه ۽ باب الڳ الڳ فرقه آهن. قرت العين کي هڪ نئين مذهب جي ڄاڻ بہ سيد ڪاظم وٽان ملي. جنھن هن کي قرت العين جو لقب ڏنو، نہ تہ سندس اصل نالو زرين تاج هو. هن جو ننڍپڻ مذهبي ماحول ۾ گذريو. هوءَ ننڍي عمر ۾ علمي مباحثن ۾ حصو وٺڻ لڳي. اهي مباحثه سندس چاچي، پيءُ ۽ سئوٽن جي وچ ۾ ٿيندا هئا. اهي سڀ پنھنجي وقت جا عالم هئا. سندس شادي بہ سندس سئوٽ ملا محمد سان ٿي، جيڪو سندس چاچي ملا محمد تقيءَ جو پٽ هو، جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو عالم ڳڻيو وڃي ٿو. قرت العين نھايت حسين عورت هئڻ سان گڏ وڏي ذهين ۽ قوت ارادي جي مالڪ هئي. کيس عربي زبان تي وڏي دسترس حاصل هئي. علم حديث کي هن گهڻو پڙهيو. قرآن مجيد سان گڏ تفسير، اصول فقھ ۽ فلسفي جي علم جي عالمه هئي. انهيءَ ڪري سندس والد کيس ’جناب طاهرہ‘ جو خطاب ڏنو هو. جڏهن سيد ڪاظم جي وفات 1259ھہ/1843ع ۾ ٿي تہ قرت العين سندس خاص مريد ملا حسين بشرويه کي خط لکيو تہ هوءَ شيخيه فرقي سان تمام گهڻي رغبت رکي ٿي. هن لکيو تہ: ”مون کي سيد ڪاظم تي پورو يقين آهي.“ ملا حسين بہ سيد ڪاظم جي مظھريت بابت نظريي ۾ منجهيل هو، جنھن ڪري هو شيراز آيو. اتي سندس ملاقات مرزا علي محمد باب سان ٿي، جنھن دعويٰ ڪئي تہ جنھن مظھر جي ظھور جي پيشن گوئي (اڳ ڪٿي) ڪئي وئي هئي، اهو مظھر آئون آهيان ۽ آئون ئي هن تحريڪ جو نئون ’باب‘ آهيان. اهو ٻڌي ملا حسين سندس دعويٰ قبول ڪئي ۽ کيس قرت العين جو خط ڏيکاريو، جنھن ۾ لکيل هو تہ هوءَ سندن هر قسم جي حمايت ڪندي. هي واقعو 1264ھہ/1848ع جو آهي. پر اڳتي هلي اهو پتو نٿو پوي تہ قرت العين، باب (مرزا علي محمد) سان ملي يا نہ. 1264ھہ/1848ع ۾ سندس چاچي ۽ سھري ملا محمد تقيءَ جو قتل ڪيو ويو، جيڪو باب مذهب جو سخت مخالف هو، ان مسئلي تي تمام گهڻو گوڙ ٿيو ۽ چيو ويو تہ اهو قتل طاهرہ ۽ سندس ساٿين جي چرچ تي ٿيو آهي. سندس مڙس ئي مٿس الزام هنيو، جنھنڪري کيس قيد ڪيو ويو، پر ثبوت نہ ملڻ سبب کيس آزاد ڪيو ويو ۽ پوءِ هوءَ پنھنجي ڪم سان لڳي وئي. سڄي ايران ۾ هن وعظ ڪيا. اڳتي هلي قرة العين جا حاجي ملا محمد علي بلفروشيءَ سان اختلاف ٿيا ۽ هن شيخيه جي مقابلي ۾ باب جي طرفداري ڪئي ۽ شيخيه فرقي جي دليلن جي رد ۾ هزارين شعر چيا.
بابي فرقي جي زور وٺڻ جي ڪري ماڻهن قرة العين کي تھران ۾ ناصرالدين شاھہ بادشاھہ جي آڏو پيش ڪيو، بادشاھہ سندس حسن ڏسي حڪم ڏنو تہ کيس تنگ نہ ڪيو وڃي ۽ هڪ پوليس جي اعليٰ عھديدار جي حوالي ڪيو تہ کيس حفاظت ۾ رکي. 1852ع ۾ بابين، ناصر الدين شاھہ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ڪري هـُو قرة العين جو سخت مخالف ٿي پيو. جنھن ڪري هن لاءِ هاڻي صرف هڪ رستو بچيو هو تہ هوءَ پنھنجي مذهب کي ڇڏي، پر هن ائين نہ ڪيو.
آخر هن جي موت جو پروانو جاري ٿيو. جيڪو کيس پھچايو ويو. کيس 13 آڪٽوبر 1852ع تي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. ٻي روايت آهي تہ رومال سان گهٽو ڏئي کيس ماريو ويو. سندس زندگيءَ تي ڪي ڊراما ۽ فلمون ٺھيون آهن. قرة العين طاهرہ جي ڪيتري شاعري فھميدہ رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪئي آهي.


لفظ قرت العين طاهرہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو