ڊاڪٽرحامد علي خانائي قريشي

ڊاڪٽرحامد علي خانائي قريشي

قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر

قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر: سنڌ جي نامور اديب، نقاد، عالم ۽ تاريخدان قريشي حامد علي خانائيءَ جو جنم خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھـري فيــروز ۾، 6 جنوري 1934ع تي حڪيم قاضي محمد يعقوب ’صابر‘ قريشيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر خانائيءَ جو والد ۽ ڏاڏو پڻ پنھنجي دور جا عالم هئا. سندس خاندان جي بزرگن جو خانواهڻ شھر ۾ مڪتب ۽ مدرسو بہ هو. حامد علي قرآن مجيد، نور نامي، سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي ڏاڏي قاضي ميان امام بخش قريشيءَ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان لوڪل بورڊ (هاڻي ايڇ. ايم. خواجا) هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان 1954ع ۾ پاس ڪيو. اڳتي هلي 1965ع ۾ سنڌ يـونـيـورسـٽــيءَ مــان ســنــڌي ادب ۾ ايــم. اي ڪئي. ملازمت جو آغاز بہ تعليم کاتي ۾، ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ هڪ استاد جي حـيـثـيـت سـان ڪـيو. ابتدا ۾ ڪجهہ افسانا ۽ ’خـادم‘ تـخـلـص سـان شـاعري بہ ڪئي پر ڊاڪٽر عمر بـن مـحـمـد دائود پـوٽي ۽ رحيمداد مولائي شيدائيءَ جي صلاح سان هن تاريخ ۽ تحقيق طرف توجهه ڏنو. 1966ع ۾ ڪنڌڪوٽ جي خانگي ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي مشھور اديب قمر شھباز پرنسپال هو. 1975ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھہ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. 1986ع ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ ’ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز‘ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. علم ادب جي ميدان ۾ مٿس قاضي محمد يعقوب ’صابر‘، ايڇ. ايم. خواجا، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، رحيمداد خان مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو گهڻو اثر رهيو. خانائي صاحب 1955ع کان ادب، سوانح حيات، تاريخ ۽ آثار قديمہ تي تحقيقي مضمون، مقالا لکندو رهيو. ساڳيءَ طرح نوابشاھہ ضلعي (هاڻي شھيد بينظير آباد) جي قديم ماڳن، مڪانن، نصرپور ۽ روهڙيءَ جي تاريخ ۽ آثارن بابت بہ تحقيق ڪئي. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مشھور رسالن: ’نئين زندگي‘، ’ٽماهي مھراڻ‘، ’الرحيم‘، ’اخبار تعليم‘، ’سنڌ‘ ۽ ’السنڌ‘ ۾ شايع ٿيا. خـانـائـي صـاحـب جـي ڇـپيـل ڪـتابـن جـو وچـور هـن ريــت آهـــي: (1) نوابشاھہ ضلعو- تاريخي شھر ۽ شخصيتون (1987ع)، (2) تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي (1998ع)، (3) پوراني سادات سکر'>تذڪره پوراني سادات سکر (2001ع)، (4) الزليخا (پير حسام الدين راشديءَ جو ناوليٽ ۽ ان بابت تحقيق: 2003ع)، (5) ايڇ. ايم خواجا- هڪ مثالي استاد (2003ع)، (6) مقالات خانائي (شخصيات: 2006ع)، وکريل وَٿون (عطا حسين شاھہ موسويءَ جا مضمون: ترتيب: 2011ع) ۽ تاريخ نصرپور. ڊاڪٽر خانائي ڪيترن شاگردن جي ادبي رهنمائي ڪري سندن ايم. اي، ايم. فل ۽ پي ايڇ. ڊي جي امتحانن جي سلسلي ۾ مدد ڪئي. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر، ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي (حيدر سنڌي)، ڊاڪٽر سيد اشفاق احمد بخاري، ڊاڪٽر عبدالرؤف ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري، ڊاڪٽر محمد خان جمالي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومري، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ۽ ٻين جي پي ايڇ. ڊي مقالن جو رهبر (Guide) رهيو. ڊاڪٽر خانائيءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترن ادارن کيس اوارڊ ڏنا، جھڙوڪ: ڀنڀور سيمينار اوارڊ (1983ع)، سگا سنڌ طرفان ’پير حسام الدين راشدي اوارڊ‘ (1986ع)، ’علامہ آءِ. آءِ قاضي اوارڊ‘، ’حمل فقير ادبي اوارڊ‘ (1997ع)، نئين زندگي گولڊن جوبلي سيمينار جي موقعي تي ’مولانا عبدالواحد سنڌي يادگار شيلڊ‘ (1999ع) ۽ ’پير آغا غلام مجدد متعلوي سرهندي اوارڊ‘ (2009ع) وغيرہ. ڊاڪٽر خانائي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھہ مان 6 جنوري 1994ع تي اسسٽنٽ پروفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، 15 مارچ 2010ع تي نوابشاھہ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.06  عيسوي

حامد علي خانائيءَ جو جنم خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھـري فيــروز ۾، 6 جنوري 1934ع تي حڪيم قاضي محمد يعقوب ’صابر‘ قريشيءَ جي گهر ۾ ٿيو.


2010.03.15  عيسوي

حامد علي خانائيءَ 15 مارچ 2010ع تي نوابشاهه ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٿي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو امير احمد ’امير‘
امر لعل هنڱوراڻي
غلام رضا بيگ مرزا
طارق اشرف
پلي معمور يوسفاڻي
شمس الدين شمسي
صاحب سنگهہ بولسنگهہ
ولي رام ولڀ
ناز سنائي
سيد شاھہ محمد شاھہ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون