قسمت راءِ ڇڳاڻي: نامور ليکڪ ۽ ايڊيٽر قسمت راءِ ٽي. ڇڳاڻي ويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق لاڙڪاڻي جي مشھور ڇڳاڻي خاندان سان هو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين، کيس ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ پڙهڻ ۽ مطالعي جو ڪافي شوق هو. اڳتي هلي هن صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو. قسمت راءِ درازي درگاھہ جو معتقد ۽ مريد هو، تنهنڪري صوفي ۽ ويدانتي خيالن جو هو. لاڙڪاڻي جي صوفي سنگت جي مکيہ ميمبرن مان هو. لاڙڪاڻي جي فقيري سنگت پاران ماهوار ’صوفي‘ رسالو نڪرندو هو، جنهن جو اڳتي هلي هيءُ ايڊيٽر ٿيو. هفتيوار اخبار ’ايڪتا‘ بہ ڪڍيائين، جيڪا پير الاهي بخش جي روينيو منسٽر واري دور ۾ هفتيوار مان ڦِري روزاني ٿي. صحافت جي مـيـدان ۾ چـڱـو نالـو ڪمـايائيـن. ورهـاڱي بعد ’ايڪتا‘ اخبار بند ٿي وئي ۽ قسمت راءِ ڇڳاڻي ڀارت لڏي ويو.