قصيدو: شاعريءَ جي اصطلاح ۾ قصيدي جي معنيٰ آهي، ”اهڙو نظم، جنھن ۾ ڪنھن ممدوح جي مدح هجي“، پر قصيدي جا موضوع تمام وسيع آهن، جنھن ۾ ممدوح جي مدح کان سواءِ حسن و عشق، گردش دوران، اخلاقيات، عرفان ۽ دعا جو بيان بہ اچي ٿو. قصيدو گهٽ ۾ گهٽ پندرهن شعرن جو هجڻ گهرجي ۽ وڌيڪ شعرن لاءِ ڪا بہ حد مقرر ناهي. گهڻو ڪري قصيدا طويل هوندا آهن ۽ اڪثر قصيدن جا شعر سؤ کان مٿي بہ ٿيو وڃن. قصيدي جي پھرين شعر کي ’مطلع‘ ۽ اگر ٻيو بہ مطلع هوندو تہ ان کي ’مطلع ثاني‘ چئبو آهي.
قصيدي جو هر شعر ٻن سٽن تي مشتمل ٿيندو آهي ۽ مطلع کي ڇڏي هر شعر جي پوئين سٽ ۾ قافيو ڪَتب ايندو آهي. غزل جو گهاڙيٽو قصيدي تان ئي ورتل آهي. قصيدو عربي شاعريءَ کان ٻين ٻولين ۾ مروج ٿيو، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ بہ پنھنجي پنھنجي ماحول مطابق قصيدي نگاري ٿي. قصيدو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو:
(1) تمھيديه قصيدو
(2) خطابيه/ مجدديه قصيدو
قصيدي جا مضمون جدا جدا ٿي سگهن ٿا، مثال طور: ﷲ جي ساراھہ ۾ حمد، حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جي نعت، حضرت علي عليہ السلام ۽ حضرت محمد وآل محمد عليھم السلام جي شان ۾ منقبت، ڪنھن بادشاھہ يا امير جي تعريف يا ڪنھن جي هجو يا شڪايت يا نصيحت يا ڪو ٻيو مضمون. قصيدو مضمون جي لحاظ کان مدحيه، هجويه، دعائيه، عشقيه، بھاريه، فخريه يا حاليہ وغيرہ سڏبو آهي. شاعر جو تخلص يا نالو ضروري نہ آهي تہ مقطع ۾ اچي، پر ڪٿي بہ اچي سگهي ٿو. قصيدي جي سلسلي ۾ سنڌي شاعرن ۾ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي، مير حسن علي خان ٽالپر، ميرزا فتح عـلـي بيـگ، ميـرزا قـاسـم علـي بيـگ، ميـرزا ٻـڍل بيگ، آخـوند محمـد قاسم هالائي، غلام محمد شاھہ گدا، ميرزا دوست محمد بيگ، ميـر عـبدالحسيـن خـان سـانگـي، شمـس الدين بلبل، مـرزا قلـيـچ بيـگ، محمد هاشم مخلص، هدايت علي نجفي تارڪه ۽ ٻيا ڪيترائي نامور قصيده نگار آهن.