قطب تارو

قطب تارو (Polaris): قطب تارو جنھن کي علم فلڪيات جي اصطلاح ۾ الفا اُرسي منورس (Alpha Ursae Minoris) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جڏهن تہ عام طور تي ان کي اتر تارو (North Star) يا قطب تارو (Pole Star) پڻ چيو وڃي ٿو. هي اصل ۾ گيڙو رنگ جي ٽن ننڍن تارن جو ميڙ (جهرمٽ) آهي، جيڪو ٻين سڀني تارن کان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو. انھن ٽن ستارن مان هڪ ستارو (a UMI A) وڏو آهي ۽ باقي ٻہ تارا (a UMI B ۽ a UMI Ab) ڪافي ننڍا آهن. 1780ع جي تحقيق موجب اهي ٻہ ستارہ ڳڻبا هئا مگر 1929ع ۾ ماهرن دريافت ڪيو تہ اهي مجموعي طور ٽي ستارا آهن، جيڪي ملي ڪري ’قطب تارو‘ ٺاهين ٿا. ان ميڙ مان وڏو تارو (a UMI A) سج جي ڀيٽ ۾ 6000 کان 10000 ڀيرا وڌيڪ روشني خارج ڪري قطب تارو سڄي رات ۽ سڄو سال اتر طرف نظر اچي ٿو، جنھن ڪري ان کي ’اتر تارو‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. فلڪيات جا ماهر رستي ڳولهڻ (Navigation) لاءِ سڀ کان گهڻو انحصار قطب تاري (Pole star) تي رکن ٿا. هن تاري جي مدد سان اهو بہ معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ خطِ استوا جي اتر طرف ڪيتري مفاصلي تي رستو موجود آهي. خطِ استوا اهڙي خيالي ليڪ آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي وچ مان گذري ٿي، تنھن ڪري جيئن جيئن اُتر پاسي اڳتي وڌندو وڃبو تہ ’قطب تارو‘ مٿانھين کان مٿانھون ٿيندو ويندو. انھيءَ کي قطب تارو ان ڪري بہ چئجي ٿو، جو زمين جو محور اُن جي طرف اشارو ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو اُتر قطب ۾ بيٺو هوندو تہ قطب تارو کيس تمام ويجهو مٿانئس نظر ايندو، ڇاڪاڻ تہ تارن جو اڀرڻ ۽ الُھڻ اصل ۾ ڌرتيءَ جي چرپر جو نتيجو آهي، جيڪا پنھنجي مرڪز جي چوڌاري، چوويھن ڪلاڪن ۾ هڪڙو چڪر پورو ڪري ٿي. موجودہ دور ۾ سائنسدانن جي اڳڪٿي آهي تہ هاڻوڪي قطب تاري جي روشنيءَ ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ هزارين سالن جي ڀيٽ ۾ هاڻي هي تارو وڌيڪ روشن آهي. آسمان تي نظر ايندڙ هيءُ هڪ مستقل تارو آهي، جيڪو رستو ڳولهڻ ۽ منزل تائين پھچڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. آڳاٽي دور ۾ عربي سمنڊ، ڏکڻ چيني سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ جھاز يا ٻيڙيون هلائيندڙ هن تاري جي مدد سان پنھنجي منزل تي پھچندا هئا. پر موجودہ دور ۾ سيٽلائيٽ نيويگيٽر (Satellite Navigator) آلي جي استعمال سان هن جي اهميت ساڳي ناهي رهي. سنڌ جا ماڻهو قطب تاري سان عقيدت رکندا آهن. ڇاڪاڻ تہ سنڌ ۾ قطب تاري جي مدد سان مسجد توڙي گهرن جي اڏاوت وقت ڪعبة جو رخ معلوم ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو