قلات

قلات: قلات شھر پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ قديم، تاريخي ۽ ثقافتي اهم شھر آهي. هي شھر قلات ضلعي جو صدر مقام آهي ۽ پنھنجي منفرد تاريخ، خوبصورت جاگرافي، ٿڌڙي آبھوا ۽ مھمان نوازيءَ جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. قلات شھر بلوچستان جي مرڪزي حصي ۾ واقع آهي. هي شھر سامونڊي سطح کان لڳ ڀڳ 2,000 ميٽر جي اوچائي تي آهي، جنھن سبب هتي جو موسم بلوچستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ گهڻو خوشگوار ۽ ٿڌو هوندو آهي. قلات جي اتر ۾ مستونگ، ڏکڻ ۾ خضدار، اوڀر ۾ ڪڇي ۽ اولھه ۾ پنجگور واقع آهن.هن جي تاريخ هزارين سال قديم آهي. هتي جي سرزمين قديم تھذيبن جو مرڪز رهي آهي. قلات تاريخي طور خان آف قلات جي رياست جو گادي جو هنڌ هو، جيڪا بلوچن جي سڀ کان وڏي سياسي طاقت هئي. خان آف قلات جي رياست جو بنياد 17هين صدي عيسويءَ ۾ پيو، جيڪا بعد ۾ برطانوي دور ۾ بہ قائم رهي. قلات جو خان پنھنجي وقت ۾ بلوچستان جي ٻين علائقن تي بہ وڏو اثر رکندو هو. برطانوي دور ۾ قلات سان خاص معاهدا ڪيا ويا، جن جي ذريعي قلات هڪ نيم خودمختيار رياست طور برطانوي هندستان سان ڳنڍيل رهيو. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺھيو تہ قلات جي خان شروع ۾ آزادي جو اعلان ڪيو، پر ڪجهہ وقت بعد قلات پاڪستان سان الحاق ڪري ورتو. قلات شھر جو سڀ کان اهم ۽ تاريخي ماڳ قلات جو قلعو آهي. هي قلعو خان آف قلات جي حڪومت جو علامتي مرڪز هو. قلعو پنھنجي وقت ۾ هڪ دفاعي، انتظامي ۽ حڪومتي مرڪز طور استعمال ٿيندو هو. قلعي ۾ خان آف قلات جي رهائش، درٻار، مھمان خانا، هٿيارن جا گودام ۽ واچ ٽاور موجود هئا. قلات جو قلعو نہ رڳو بلوچ تاريخ جو اهم ورثو آهي، پر اڄ بہ سياحن لاءِ هڪ دلچسپ جڳھه آهي. هتي بلوچ، براهوئي ۽ ڪجهہ ٻين مقامي قبيلن جا ماڻهو آباد آهن. هتي جي ماڻهن جا لباس، طرز زندگي، مھمان نوازي ۽ رواجي ميلا هن علائقي جي سڃاڻپ آهن. قلات جي ماڻهن ۾ پنھنجي ثقافت سان گهري محبت موجود آهي. هتي روايتي بلوچ لباس، خاص طور تي مردن جا ڊگها ڪرتا، پڳڙيون ۽ عورتن جا رنگين ڪپڙا تمام مشھور آهن. هتي جي موسيقي پڻ مشھور آهي، جتي ساريندا، دهل ۽ نار جي ذريعي روايتي گيت ڳايا ويندا آهن. قلات ۾ ٿيندڙ مقامي ميلا، خاص طور تي عيدن، شاديون ۽ ثقافتي ميلو، هن علائقي جي خوشين جي علامت آهن. هن شھر جي معيشت جو بنيادي دارومدار زراعت تي آهي. قلات جي زمين زرخيزي جي لحاظ کان بلوچستان جي ٻين علائقن کان مختلف آهي. هتي خاص طور تي صوف، انگور، ڏاڙهون، بادام، خوباني ۽ ٻيا ميوا وڏي مقدار ۾ ٿين ٿا. قلات جا ميوا سڄي پاڪستان ۾ تمام گهڻي سڃاڻپ رکن ٿا. هن شھر ۾ وقت سان گڏ تعليمي ادارا بہ قائم ٿيا آهن. هتي ڪجهہ سرڪاري اسڪول، ڪاليج ۽ هڪ ٻہ يونيورسٽيون بہ موجود آهن. قلات جي تعليمي شرح اڳتي وڌي رهي آهي. جيتوڻيڪ بلوچستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هتي تعليمي سھولتون محدود آهن، پر نوجوان نسل ۾ تعليم ڏانھن دلچسپي وڌي رهي آهي. قلات ۾ ترقياتي منصوبا بہ هلي رهيا آهن.
رياست قلات جا حڪمران:
قلات جي حڪمرانن کي ”خان آف قلات“ سڏيو ويندو هو، جيڪي بلوچ قبيلي نظام جي اهم ترين شخصيتون هونديون هيون، جن مان ڪجهہ اهم هي آهن.
(1) خان قمبر (خان آف قلات جو باني): قلات رياست جو بنياد لڳ ڀڳ 1666ع ڌاري پيو، هن کي قلات رياست جو باني سمجهيو ويندو آهي.
(2) احمد خان: قلات جي پھرين اهم توسيع هن دور ۾ ٿي، جتي هن بلوچستان جي مختلف علائقن تي قبضو ڪري رياست کي وڌايو.
(3) خان عبدالنبي خان: عبدالنبي خان جي دور ۾ قلات جي برطانيا سان ابتدائي لاڳاپا قائم ٿيا. هن جي دور ۾ قلات جي سياسي حيثيت بين الاقوامي سطح تي سڃاتي وئي.
(4) خان مھراب خان (1794_1839): خان مھراب خان قلات جو مشھور حڪمران هو، جيڪو برطانوي فوج سان 1839ع ۾ قلات جي جنگ دوران شھيد ٿيو. برطانيا خان مھراب کي پنھنجن معاهدن مان انحراف ڪرڻ جو الزام ڏنو ۽ قلات تي حملو ڪيو. هن جي شھادت قلات جي تاريخ جو اهم واقعو آهي، جنھن بلوچن جي آزادي جي جدوجھد کي هڪ نئون رخ ڏنو.
(5) خان شير دوست خان (1839_1840): برطانيا جي مدد سان قلات جي تخت تي ويٺو.
(6) خان نصرالله خان: هن جي دور ۾ قلات ۾ نسلي ۽ سياسي مسئلا وڌيا. قلات جي خودمختياري کي محدود ڪيو ويو.
(7) خان خداداد خان (1857_1893): هن برطانوي حڪومت سان لاڳاپا مستحڪم ڪيا ۽ قلات کي هڪ نيم خودمختيار رياست طور هلايو.
(6) خان محمود خانII (1893 – 1931): هن جي دور ۾ قلات جي انتظامي معاملن ۾ برطانيا جو اثر وڌيڪ وڌي ويو. قلات جي رياستي جوڙجڪ کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو.
(8) خان احمد يار خان (1933 _ 1955): خان احمد يار خان رياست قلات جو آخري خودمختيار حڪمران هو. 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، خان قلات پاڻ کي هڪ آزاد رياست قرار ڏنو. پاڪستان سان قلات جي الحاق تي ڪجهہ عرصو اختلاف رهيو. 27 مارچ 1948ع تي قلات پاڪستان سان الحاق ڪري ورتو. الحاق کان پوءِ بہ ڪجهہ وقت لاءِ قلات هڪ ’اسٽيٽ‘ جي حيثيت ۾ هلي. بعد ۾ 1955ع ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ رياست ختم ڪئي وئي. قلات بلوچ قوم جي سياسي، ثقافتي ۽ انتظامي مرڪز هو.
تاريخ جي لحاظ کان قلات جا قديم دؤر کان سنڌ سان گهرا تعلق هجڻ جا ثبوت ملن ٿا، پر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ قلات جي حاڪمن جو اهم ڪردار رهيو آهي.


لفظ قلاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو