قلم 1

قلم (لکڻ وارو): لکڻ لاءِ وڍيل، گهڙيل ڪانو. ڪِلڪَ، ليکَڻِ، لکڻي لوهي ڪلڪ. قلم هڪ اهڙو آلو يا اوزار آهي جيڪو لِکڻ ۽ مصوري لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هي آلو مس سان گڏ استعمال ٿيندو آهي جنھن سان ڪاغذ يا ڪنھن ٻي سطع تي لکيو ويندو آهي. قلم جا ڪيترائي قسم آهن جيئن تراشيل قلم، فائونٽين قلميا پين، بال پين، رولر بال پين، پينسل، تراشڊيل مارڪر وغيرہ. تحرير يا لکت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اوائلي زماني ۾ ٺڪر جي تختين کان وٺي وڻن جي پنن، پٿر جي چٽساليءَ تائين مختلف طريقا ڪم آندا ويندا هئا، پر جڏهن عيسائيت جو ڦھلاءُ ٿيو تہ مذهبي ڳالهين، ڄاڻ ۽ تعليم کي لکت ۾ آڻڻ جي ضرور ٿي، ان کان اڳ سَرن جي تيلن ۽ پکين جي کنڀن جا قلم استعمال ٿيندا هئا، سر جي اڌ فوٽ کن ڪاني کي هڪ پاسي کان اهڙي ريت ڪپيو ويندو هو جو اهو نوڪدار بڻجي پوندو هو. اها نوڪ سر مان ٻوڙي ڪنھن شئي تي لکيو ويندو هو. مس جبلن مان ملندڙ نيرن پٿرن يا ڪن رنگ وارن ٻوٽن ۽ وڻن مان ٺاهي ويندي هئي، جيڪا گهڻو ڪري نيري هوندي هئي. پکين جي کنڀن مان ٺھيل قلم جي استعمال جو ذڪر ڇھين صدي عيسويءَ ۾ اسپين جي هڪ مذهبي شخص سينٽ آئزوڊور جي تحرير ۾ ملي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ قلم بابت مختلف تجربا ٿيندا رهيا. ان کان پوءِ ڪنجهي مان ’پينون‘ ٺاهيون ويون، جن بابت وومين کي ڄاڻ هئي. سڀ کان پھرين ڪنجهي مان ٺاهيل پين جو ذڪر 1465ع ۾ ملي ٿو. سورهين صديءَ جي اسپيني خطاط 1548ع Juan de yciar ۾ پنھنجي طويل تحرير لاءِ پتل جي پين جو ذڪر ڪيو آهي. 1803ع ۾ انگريـز انجنيئر ’برائبـان ڊونڪـن‘ اسٽيل جي پھرين پين ٺاهي. 19 هين صديءَ ۾ پينون تيار ڪندڙ انگريزن وليم جوزف جلوس، ’وليم مچيل‘ ۽ ’جيمس اسٽيفن پيري‘ جون ڪمپنيون مشھور هيون. 1884ع ۾ نيويارڪ جي هڪ انشورنس ايجنٽ ’ليوس واٽرمئن‘ فائونٽين پين ايجاد ڪئي، جنھن ۾ مس ڀري سگهبي هئي. 1920ع واري ڏهاڪي ۾ فائونٽين پين سڄي اولھہ ۾ عام ٿي چڪي هئي، ان جو اوج ٻي مھاڀاري جنگ کان پوءِ بال پوائنٽ پين جي متعارف ٿيڻ تائين رهيو. بال پوائنٽ پين: 1938ع ۾ هنگريءَ جي هڪ شخص ’جارج برو‘(George Brio) بال پوائنٽ پين ايجاد ڪئي. ان جي منھن وٽ ڦرندڙ بال نما بناوت هئي. هن پين لاءِ آئل مان تيار ڪيل گهاٽي مس استعمال ڪئي وئي، جيڪا مضبوط هئي ۽ ڊهي بہ نہ سگهندي هئي. هن پين جا اڄ تائين ڪيترائي نمونا ايجاد ٿي چڪا آهن.
فائبر ٽپ پين: 1963ع ۾ آمريڪا ۾ فائبر ٽپ پين يا مارڪر متعارف ڪرائي وئي، جنھنڪري بال پوائنٽ پين جو استعمال گهٽجي ويو، پر ان کان اڳ فائبر ٽپ پين يا مارڪر هڪ جپاني شخص Yukio Horie 1962ع ۾ تيار ڪئي هئي. مارڪر ۾ برش جي لاءِ نائلون يا ڪنھن ٻئي قسم جو فائبر استعمال ڪيو وڃي ٿو. مارڪر جا بہ ڪيترا نمونا ايجاد ڪيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو