قلم (پينل ڪوڊ): قانوني قلم مان مراد ڪنھن بہ قانوني ڪتاب ۾ موجود اُهي حصا/سيڪشن يا شِقون آهن جيڪي قانون جي مختلف پاسن حقن فرضن ۽ ڏنڊن جي وضاحت ڪن. اُهي سمورا قلم پاڪستان پينل ڪوڊ جي نالي سان سمجهيا سُڃاتا وڃن ٿا. پاڪستان پينل ڪوڊ جو پراڻو نالو انڊين پينل ڪوڊ هو.1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو نالو تبديل ڪري پاڪستان پينل ڪوڊ رکيو ويو. ھي ڪوڊ برٽش انڊيا جي سرڪار ايڪٽ نمبر 45 ذريعي 6 آڪٽوبر 1860 ۾ لاڳو ڪيو ويو هو. ھن وقت ھي ڪوڊ سموري پاڪستان تي لاڳو آھي.
اصل ۾ ھي ڪوڊ لارڊ ميڪائولي(Lord Macaulay) جو لکيل آهي. برٽش انڊيا جي ڪمپني سرڪار ملڪ اندر قانون سازي لاءِ پھرين لا ڪميشن لارڊ ميڪائوليءَ جي سربراهي ۾ جوڙي ھئي. ڪميشن جي ٻين ميمبرن سان گڏجي هن ڪوڊ جو ڊرافٽ 1837ع ۾ تيارڪيو ويو. ڊرافٽ 1937 ۾ تيار ٿيڻ جي باوجود ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار 23 سال جي عرصي بعد لاڳو ڪيو.
ھن ڪوڊ جا اصل سيڪشن يا قلم 511 آھن جن ۾ مختلف وقتن تي ترميمون ڪيون ويون آهن..اصل بابن (Chapters) جو تعداد 23 آهي جن ۾ ترميمن ذريعي تبديلي ٿيندي رھي آھي، ڪوڊ جي پھرين باب ۾ ڪوڊ جو تعارف ڏنل آهي ۽ ان ۾ پنج قلم يا سيڪشن آھن. . اهڙي ريت ٻين بابن ۾ مختلف قلم ڏنل آهن.