قلم (پيوند ڪاري): قلم ڪرڻ جي لغوي معنيٰ ڇانگڻ، ڇانٽڻ، وڍڻ، ڪپڻ، ڪاٽڻ، قتل ڪرڻ ۽ مارڻ آهي. هن قلم ڪرڻ جو مطلب هڪڙي وڻ جي شاخ/ٽاريءَ کي ڪٽي/ وڍي، اُن کي ٻئي وڻ جي ٿُڙ يا مخصوص ڀاڱي ۾ هڻڻ يا پيوند ڪرڻ کي ’قلم‘ چئبو آهي. باغبانن/باغاين جو ڪم، جنھن موجب هڪ وڻ جي شاخ يا ٽاري کي ٻئي وڻ جي شاخ سان هنيو ويندو آهي. جيئن زيتون جو قلم ڄمونءَ جي وڻ ۾ هڻندا آهن، جنھن سان زيتون جو ڦل کاڌي ۾ ڄمونءَ جو ذائقو ڏيندو آهي. هن عمل کي چشمو هڻڻ بہ چوندا آهن. قلم هڻڻ يا پيوند ڪاري ٻيرن ۾ تمام گهڻي ٿيندي آهي. ٻوٽن جي واڌ ويجهہ جو اهو طريقو، جنھن ۾ ٻن ملندڙ جلندڙ ٻوٽن جا حصا، اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي سان جوڙيا ويندا آهن، جو اهي هڪ ٻوٽي طور پرورش اختيار ڪندا آهن. ڪنھن بہ هڪ وڻ جي (ٽاري، اک يا نس کي قلم ڪري يعني ڪٽي) ٻئي وڻ جي ٿڙ يا ٽاريءَ سان جڙجي وڃڻ کان پوءِ ان جو ميوو وري هڪ الڳ سواد وارو ٿي پوندو آهي. گهڻو ڪري ننڍن ٻوٽن ۽ وڻن ۾ قلم هنيو ويندو آهي. هيءُ طريقو ميوو ڏيندڙ وڻڻ جي پرورش لاءِ خاص ڪري انب، ٻير، انگور ۽ نارنگيءَ وغيرہ جي باغن ۾ سٺو سمجهيو ويندو آهي. قلم هنيل وڻ بہ پنھنجي اصل ٻوٽي وانگر ئي واڌ ڪندو آهي.