
درگاھ قلندر لعل شهباز
قلندر لعل شھباز: قلندر لعل شھباز جو پورو نالو سيد عثمان ولد سيد ابراهيم ڪبير قدس سره هو. سندس جنم 573ھہ/1177ع ڌاري مروند ۾ ٿيو. ڪن روايتن مطابق سندس ولادت جو سال 538ھہ/1143ع پڻ ڄاڻايو ويو آهي. مروند شھر ۾ پيدا ٿيڻ جي نسبت سان مروندي سڏجي ٿو. قلندر لعل شھباز جو نسب اٺين پيڙهيءَ ۾ نسب حضرت امام جعفر صادق عه سان ملي ٿو. قلندر لعل شھباز ستن ورهين جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪري ورتو هو.
عام طرح حضرت قلندر لال شھباز جي سنڌ ۾ قيام جو عرصو هڪ سال ٻڌايو ويو آهي. هي 649ھہ/1251ع ۾ سيوهڻ ۾ آيو ۽ 650ھہ/1252ع ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ ڪري هر ڪنھن ايئن لکيو آهي تہ سنڌ ۾ فقط هڪڙو سال رهيو. ’قلندر نامہ‘ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”قلندر لعل شھباز سن 649ھہ/1251ع ۾ سيوهڻ ۾ آيا.“ (1) ’تحفة الڪرام‘ جي هڪ روايت آهي ته، حضرت غوث بھاءُ الدين ۽ سندس فرزند صدر الدين عارف سان گڏجي سير و سفر ڪندي ٺٽي جي ’پير پٺي‘ سان ملاقات ڪيائون. پير پٺي 642ھہ/ 1244ع ۾ وفات ڪئي. ان مان معلوم ٿيو تہ پاڻ 642ھہ/1244ع کان اڳ سنڌ ۾ آيا. انھن سالن ۾ حضرت غوث بھاءُ الدين ملتانيءَ جو زندہ هجڻ بہ ثابت آهي. ڇاڪاڻ جو حضرت غوث بھاءُ الدين سن 661ھہ/1262ع ۾ وفات ڪئي. هن مان ثابت ٿيو تہ قلندر شھباز سن 649 ھہ/1251ع تہ ڇا، پر 642ھہ/1244ع کان بہ اڳ سنڌ ۾ آيا آهن، ۽ 642ھہ/1244ع کان اڳ سندن سنڌ جو سير و سفر تاريخ مان ثابت ٿئي ٿو. اُن ڪري اهو عرصو هڪ سال کان وڌيڪ بيھي ٿو. ٻئي پاسي ان وقت ملتان بہ سنڌ ۾ شامل هو. ان ڪري اهو عرصو بہ سنڌ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
دهليءَ جي بادشاھہ غياث الدين بلبن جو فرزند سلطان محمد ملتان جو حاڪم هو. هو عالمن ۽ عارفن سان عزت ۽ احترام سان پيش ايندو هو. حضرت غوث بھاءُ الدين ملتاني ۽ حضرت شيخ فريد شڪر گنج جو نھايت ادب ۽ احترام ڪندو هو. امير خسرو ۽ ان جو دوست امير حسن دهلوي سندس درٻار ۾ گذاريندا هئا. بزرگن جي مجلس ۾ سڄو ڏينھن رات ويٺو هوندو هو تہ گوڏو بہ مٿي نہ کڻندو هو. سن 683ھہ/ 1280ع ۾ مغلن سان وڙهندي شھيد ٿيو. مستند تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر آهي تہ ان سلطان جي زماني ۾ جڏهن حضرت قلندر شھباز ملتان ۾ آيو تہ سلطان محمد سندن خدمت ۾ حاضر ٿي تعظيم بجا آندي ۽ تحفا پيش ڪيا ۽ کين ملتان ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيو. قلندر لعل شھباز ڪجهہ ڏينھن اتي رهيا، هڪ ڏينھن سلطان محمد هڪ مجلس تيار ڪرائي، جنھن ۾ عربي سرود ٿيو، ان مجلس ۾ غوث بھاءُ الدين ملتانيءَ جو فرزند حضرت شيخ صدرالدين عارف بہ موجود هو. تاريخ شاهد آهي تہ سلطان غياث الدين بلبن سن 663ھہ/1264ع ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو ۽ سندس پٽ سلطان محمد 669 ھہ/1270ع ڌاري ملتان جو گورنر ٿيو. اهو ڏيکاري ٿو تہ 669ھہ/1270ع کانپوءِ بہ ملتان ويا. هوڏانھن حضرت غوث بھاءَ الدين ملتاني ان کان اڳ وفات ڪري چڪو هو. ان مان اسان هي نتيجو ڪڍي سگهون ٿا تہ حضرت قلندر شھباز 642 ھہ/1244ع کان اڳ ملتان ۽ سنڌ ۾ آيا ۽ حضرت غوث سان گڏجي سنڌ۽ ملتان جو سير و سفر ڪيائون. معلوم ٿئي ٿو تہ حضرت غوث جي وفات کان پوءِ 669ھہ/1270ع ۾ حضرت غوث بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي فرزند شيخ صدرالدين عارف سان ملڻ لاءِ ٻيھر ملتان ويا، جتي سلطان محمد ساڻن مليو ۽ کين ملتان ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيائون، پر پاڻ نہ مڃيائون ۽ وري سيوهڻ موٽي آيا.
قلندر شھباز جي وصال جي تاريخ ۾ بہ اختلاف آهي، قلندر نامہ سنڌي ۾ وصال جي تاريخ سنہ 650ھہ/1252ع آهي. (1) جيڪا مٿين حقيقتن جي روشني ۾ درست نہ آهي. مقالات الشعراءَ ۽ تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع وصال جو سن 673ھہ/1275ع ڄاڻايو آهي. (2) خزينة الاصفياءَ ۾ 724ھہ/1324ع آيو آهي. (3) حديقة اولياءَ ۽ ماثر الڪرام جي صاحبن بہ وصال جو سن 673ھہ/1275ع ڏيکاريو آهي. (4) جيئن تہ سلطان محمد سان ملاقات 669ھہ/1270ع کان پوءِ ٿي. انھيءَ ڪري وصال جو سن 673ھہ/1275ع ئي درست آهي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي پڻ انھيءَ سن جي پٺڀرائي ڪئي آهي. قلندر شھباز جي ولادت ۽ وفات جي سالن ۾ اختلاف آهي پر جن سالن کي اڪثر تاريخدانن مستند ڄاڻايو آهي، اهي هيٺئين قطعي مان ظاهر ٿين ٿا. سندس ولادت ۽ وفات تي مورخن هي قطعه تاريخ قلمبند ڪئي آهي:
بجو تاريخ شمس الدين عثمان
بہ درڪن ”رنج“ از ”فلڪ ڪرامت“
791-253=538
سن عمرش ”ولي ﷲ“ وفاتش
112
سروش غيب مي گويد ”برحمت“
650
قلندر لعل شھباز جو روضو: هر دؤر ۾ ايندڙ حاڪم روضي جي تعمير ڪرائي آهي. 757ھہ/1356ع ۾ فيروز شاھہ تغلق جي حڪم سان سيوهڻ جي حاڪم رڪن الدين اختيار الدين، قلندر شھباز جي مزار تي روضو تعمير ڪرايو. ترخان دؤر ۾ ميرزا جاني بيگ مقبرو نئين سر تعمير ڪرايو. شاھجھان بادشاھہ جي دؤر ۾ روضي جي مرمت ٿي ۽ روضي جي پاسي ۾ هڪ مسجد پڻ تعمير ڪرائي وئي. 1759ع ۾ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي روضي جي خانقاھہ ٺھرائي ۽ روضي جي ٻاهر حضرت عباس عه جو علم پاڪ نصب ڪرايائين. مير ڪرم علي خان پنھنجي دؤر ۾ گنبذ تي چانديءَ جون نيلون هڻايون ۽ چانديءَ جو دروازو پڻ هڻايو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي روضي ۾ سون جو دروازو هڻايو.