قلندر مقام (قبرستان): هي قبرستان ديھه باٺاري ڪرچات ۾ نئن بارڻ جي اڀرندي ڪنڌيءَ تي آهي، جتي ڪي گهاڙيون بيٺل آهن. هتي ٻہ ٽي وڏيون قبرون آهن. هڪ گهاڙيءَ تي بندوق، گول ڍال، خمدار تلوار ۽ سھڻي اُڪر ٿيل آهي. هتان ئي ڪجهہ ڏکڻ کان هڪ واٽ اوڀر - اتر رخ ۾ وڌي ڏاڦڙي/ڏاڦري ۽ ڳِرڻ طرف وڃي ٿي. ’قلندر مقام‘ تي اهو نالو پوڻ بابت ڪا مستند خبر نہ ٿي پوي.