
قليچ (تحقيقي جرنل)
قليچ (تحقيقي جرنل): شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران شايع ٿيندڙ ’قليچ تحقيقي جرنل‘ جو پھريون شمارو سال 2015ع ۾ شايع ٿيو. هن جرنل جو باني ايڊيٽر قليچ چيئر جو تڏهوڪو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجو آهي. 2024ع تائين هن جرنل جا ڪيترائي شمارا شايع ٿي چڪا آهن. ’قليچ تحقيقي جرنل‘ ۾ سنڌ جي عالمن، استادن، ايم. فل ۽ محققن جا ٻولي، ادب ۽ قليچ شناسيءَ تي لکيل تحقيقي مقالا شايع ٿيندا رهن ٿا.