سيد قمرالزمان شاهه

سيد قمرالزمان شاهه

قمرالزمان شاھہ سيد

قمرالزمان شاھہ، سيد: سيد قمرالزمان شاھہ 12 سيپٽمبر 1933ع تي وسي ملوڪ شاھہ (ٽکڙ) ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد قاسم شاھہ هو. نامور سياستدان علم دوست شخص سيد ميران محمد شاھہ سندس چاچو ۽ سھرو هو. سيد ميران محمد شاھہ ئي سندس پالنا ۽ سياسي تربيت ڪئي. هن 1957ع ۾ گرئجوئيشن ۽ 1959ع ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران پاڻ سياست ۾ حصو وٺندي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1970ع ۾ سينيٽ جو ميمبر ۽ 1977ع ۾ بدين جي پي. ايس 51 واري تڪ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ڪيترائي سال سنڌ چيمبرس آف ايگريڪلچرل (ايونِ زراعت) جو صدر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ رهيو. زرعي ترقياتي بئنڪ آف پاڪستان جو پڻ چيئرمئن مقرر ٿيو. 23 آڪٽوبر 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين، کيس گنجي ٽڪر جي ’مقبره شريف‘ واري قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس فرزندن مان سيد نويد قمر سياست ۾ تہ وري نديم قمر صحت جي شعبي ۾ نالو ڪمايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.09.12  عيسوي

سيد قمرالزمان شاهه 12 سيپٽمبر 1933ع تي وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد قاسم شاهه هو.


2016.10.23  عيسوي

قمرالزمان شاهه 23 آڪٽوبر 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بخش ناريجو
شورو ڄام خان
درويش سليمان
ايوب گاد
فدا حسين فدا مڱڻهار
رفيق عيساڻي
جروار عزيز ﷲ ڪامريڊ
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
پونم پاسڪل پرمار
پير عبدالرحمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون