قمرالنساء جوکيو

قمرالنساء جوکيو

قمرالنساء جوکيو

قمرالنساء جوکيو: ڪھاڻيڪار ۽ آرٽسٽ قمرالنساءِ جوکيو 16 جنوري 1958ع تي، ماهر تعليم، استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي گهر محرابپور ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري 1982ع ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي. ان دوران بي. اي، بي. ايڊ ۽ 1983ع ۾ مورو ايليمنٽري ڪاليج مان پي. ٽي. سي ڪئي. 80 واري ڏهاڪي ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ سان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. ان کان پوءِ وڏن لاءِ بہ هن ڪھاڻيون لکيون ۽ شاعري بہ ڪئي. سندس ٻہ ڪتاب ’سوڀ ۽ داڻو پاڻي‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون) ۽ ’ننڍڙا جيون‘ (ٻاراڻي شاعري) ڇپجي چُڪا آهن. قمرالنساء ’الف اڪيڊمي آرٽس اينڊ ڪرافٽس‘ نالي هڪ ادارو محرابپور ۾ قائم ڪيو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ هن ٻارن لاءِ ڪيترائي فن پارا ٺاهيا آهن، جن ۾ سنڌ جي ثقافت، هنر ۽ تھذيب کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن سنڌ جي ڪيترين ئي نامور شخصيتن جا مجسما پڻ ٺاهيا آهن، جن ۾ خاص ڪري سوتلي، ڌاڳو ۽ ڪپڙو ڪم آندو ويو آهي، جيڪي هٿ جي محنت آهن. سندس ڪم سنڌي ثقافت کي اُجاڳڙ ڪرڻ لاءِ اهميت رکي ٿو. قمر النساء جوکيو جي سُوتليءَ سان گُڏين ٺاهڻ واري هُنر تي ڪائنات ٿيٻو هڪ دستاويزي فلم Made With Love جي نالي سان ٺاهي آهي. جنھن کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.16  عيسوي

ڪھاڻيڪار ۽ آرٽسٽ قمرالنساءِ جوکيو 16 جنوري 1958ع تي، ماهر تعليم، استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي گهر محرابپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد وريل شاھہ
سلطان محمود بيگڙو
بيگم فقيرياڻي
شمع سنڌي
راهوجو جھانگير
رجب رضا
آري
امبر مھڪ
الھداد راهو
محمد پريل سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون