قمري سال/هجري سال: معاشرتي ضرورتن ۽ مذهبي رسمن کي سامهون رکندي، ڏينھن کي هفتن، مھينن ۽ سالن ۾ جمع ڪرڻ واري طريقي کي تقويم (سال/ڪئلينڊر) چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ مختلف تقويمون جن ۾: مصري تقويم، بابلي تقويم، يوناني تقويم، رومي تقويم، يھودي تقويم، گريگوروي تقويم، جوليائي تقويم، شمسي تقويم ۽ قمري تقويم وغيرہ مروج آهن. قمري تقويم کي هجري تقويم ۽ سنڌيءَ ۾ چنڊ واري تقويم سڏيو وڃي ٿو. هن جو تعلق مسلمانن سان آهي، جيڪو نبي ڪريم حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم جن جي مڪي مان مديني ڏانھن هجرت ڪرڻ واري زماني سان منسوب آهي. هجري سال جو آغاز پھرين محرم 1 ھہ/16 جولائي 622ع کان ٿئي ٿو. هجري تقويم ۾ چنڊ ڏسڻ سان مھينو ۽ پھرين محرم کان سال شروع ٿئي ٿو.
قمري تقويم کي هجري ۽ اسلامي تقويم پڻ چيو وڃي ٿو. قمري تقويم بابت ’مفتاح التقويم‘ ۾ حبيب الرحمان خان صابري لکي ٿو: ”622ع ۾ پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم مڪي مان مديني ڏانھن هجرت ڪئي، جنھن کان پوءِ هجري سال انھي واقعي جو يادگار بڻيو آهي. هن تقويم جي باقاعدہ شروعات حضرت علي عه جي تجويز سان حضرت عمر رضہ جي خلافت واري دور ۾ 17ھہ/638ع ۾ ڪئي وئي ۽ حضرت عثمان رضہ جي راءِ سان سال جو پھريون مھينو محرم مقرر ڪيو ويو.“
چنڊ رات کان آخري چنڊ جي ڏينھن تائين مھينو مقرر ڪيو وڃي ٿو. مھيني ۾ 29 يا 30 ڏينھن هوندا آهن. قمري سال ۾ وڌ ۾ وڌ 4 مھينا لڳاتار 30، 30 ڏينھن جا ۽ 3 مھينا لڳاتار 29، 29 ڏينھن جا ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح قمري سال ۾ 345 يا 355 ڏينھن هوندا آهن. قمري يا هجري سال ۾ 12 مھينا هوندا آهن، محرم، صفر، ربيع الاول، ربيع الثاني، جمادي الاول، جمادي الثاني، رجب، شعبان، رمضان، شوال، ذوالقعد ۽ ذوالحج. قمري تقويم جو ڏينھن سج لھڻ (نماز مغرب) کان پوءِ چنڊ ڏسڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي ڏينھن سج لھڻ تائين پورو ٿئي ٿو. ايئن مھيني جي شروعات بہ چنڊ ڏسڻ سان ٿئي ٿي. قمري تقويم جي مھيني ۾ پھرين تاريخ کان چنڊ هلڪو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ روز وڌندو ويندو، تان جو چوڏهين تاريخ چنڊ پورو نظر ايندو، جنھن کي چوڏهين جو چنڊ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح 15 تاريخ کان آخري تاريخ 29 يا 30 تائين چنڊ گهٽبو ويندو آهي. انهيءَ ڪري قمري مھيني جي 1 کان 14 تائين وارين تاريخن کي چنڊ جون پھريون تاريخون ۽ 15 کان 29/30 تائين وارين تاريخن کي چنڊ جون پويون تاريخون سڏيو ويندو آهي.